هونئن ته حڪومت هر کوٽ ۽ خسارو عوام مان پورو ڪرڻ جي واٽ تي هلي رهي آهي، عام واهپي جا اسم مهانگا ڪري ماڻهن جي وات تان گرهه به کسيو پيو وڃي. مهانگائي ماضيءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي چڪي آهي. ويتر دواساز ڪمپنين بليڪ مارڪيٽنگ ڪري دوائون به مهانگيون ڪري ڇڏيون آهن. هڪ ته اڳ ئي حڪومت دواساز ڪمپنين جي بليڪ ميلنگ اڳيان هٿيار ڦٽا ڪندي انهن جي مرضيءَ موجب دوائن جي قيمت ۾ واڌ ڪندي رهي آهي، ويتر اهي ڪمپنيون مارڪيٽ ۾ دوا غائب ڪري انهن جي کوٽ پيدا ڪري دوائون مهانگيون ڪري رهيون آهن ۽ ان سڄي عمل کي DRAP جو ادارو توڙي حڪومت خاموشيءَ سان ڏسي رهيا آهن ۽ عوام جي واهر لاءِ تيار نه آهن. دوائن جي قيمتن ۾ ايتري گهڻي واڌ سان ماڻهو، جن کي سرڪاري سطح تي اڳ ۾ ئي علاج معالجي جي معياري سهولت حاصل نه آهي، اهي هاڻي دوائون مهانگيون ٿيڻ جي ڪري ويتر بيماري جو بک بڻجي صحت ۽ سگهائيءَ کان پري ٿي ويندا.
عوام ٽيڪس ادا ڪري ٿو، جنهن سان حڪومتي ڪار وهنوار هلي ٿو. عوام کي تعليم ۽ صحت سميت ضروري سهولتن جي مفت فراهمي رياست جي ذميواري آهي، پر هتي ته سهولتن جي فراهميءَ جي بدران عوام لاءِ زندگيءَ جا گس سوڙها ڪيا پيا وڃن. خراب گورننس جي ڪري عوام کي شهري سهولتون حاصل نه آهن، صحت ۽ صفائيءَ جي حالت بنهه خراب آهي، موسمي تبديليءَ جي اثرن سبب ٻن سالن کان هتي مليريا سميت مختلف بيماريون وبائي صورت اختيار ڪري چڪيون آهن ۽ حڪمرانن جي نا اهلي ۽ بيڊ گورننس جي ڪري سهولتن جي اڻاٺ سبب ماڻهو جڏهن بيمار ٿين ٿا ته انهن کي سرڪاري سطح تي علاج جون مفت سهولتون به حاصل نه آهن. سنڌ ۾ ته حالت ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خراب آهي ۽ دوائن جون قيمتون وڌڻ سان علاج به عوام جي پهچ کان پري ٿي ويندو. دواساز ڪمپنين اگهه وڌائڻ جي واردات لاءِ حڪومت کي اڳ ئي مجبور ڪنديون رهيون آهن ۽ DRAP جو به دواساز ڪمپنين جي مفادن جي رکواليءَ وارو ڪردار نظر اچي ٿو. صرف DRAP (ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان) جون ڪاريون رڍون ئي نه، سڄو ڌڻ ئي ڪارين رڍن جو نظر اچي ٿو. جي ائين نه هجي ها ته، هن وقت حڪومتي قدمن سبب اڳ ئي شديد مهانگائي ڀوڳيندڙ عوام لاءِ زندگي سهل ڪرڻ بدران دوائن جي قيمتن ۾ ايترو وڏو اضافو ڪري ويتر جيئڻ جا گس بند نه ڪيا وڃن ها.
هونئن ته حڪمران ٽولن ملڪ کي معاشي ابتريءَ جي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، جتان ڪوششن باوجود هي ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ نه پيو نڪري سگهي. دوست ملڪن به هن ملڪ کي سهارو ڏيڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي آهي، پر انهن جون ڪوششون به ڪامياب نه ٿي سگهيون آهن. اسان دنيا ۾ پينڙاتن جي شهرت ماڻي چڪا آهيون، ڪشڪول اسان جو قومي نشان بڻجندو وڃي. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي باوجود خساري جي کڏ نٿي ڀرجي ۽ هڪ طرف هر کوٽ ۽ خسارو عوام مان پورو ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف دواسازيءَ جي صنعت سميت مختلف استحصالي ٽولن کي به وارو وٺايو پيو وڃي. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ حڪومت کان گهر ڪندا رهيا آهيون ته، صوبي جي سطح تي صحت کاتي کي فعال بنايو وڃي. مارڪيٽ ۾ نقلي ۽ جعلي دوائن جي پهچ بند ڪئي وڃي. جيڪي دواساز ڪمپنيون ناجائز منافعي خوريءَ لاءِ مارڪيٽ ۾ دوائن جي کوٽ پيدا ڪري قيمتون وڌائي ڇڏين ٿيون، انهن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، ايتريقدر جو اهي ڪمپنيون زندگي بچائيندڙ دوائن جي کوٽ پيدا ڪرڻ کان به نٿيون مُڙن. سنڌ ۾ ڊرگ انسپيڪٽرن ۽ ٻين چڪاس وارن ادارن کي پڻ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي عوام بدران دواساز ڪمپنين جي مفادن جا رکوال بڻيل آهن. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته، جن دواساز ڪمپنين، دوائن جي کوٽ پيدا ڪري قيمتون وڌايون آهن، انهن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. وفاقي حڪومت کي پڻ گهرجي ته، DRAP کان پُڇاڻو ڪيو وڃي، جيڪا پنهنجي بنيادي ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.