نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) دهلي ۾ فضائي آلودگي سخت سطح تي پهچي وئي اهي، ڇو ته هڪ گهاٽي سموگ پوري شهر کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ حد نظر ڪافي متاثر ٿي رهي آهي، سائنس دانن ايندڙ ٻن هفتن دوران دهلي ۾ سموگ جي سطح ۾ اضافي جي وارننگ ڏني آهي، ڇو ته ڪيترن ئي علائقن ۾ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس (اي ڪيو آئي) پهرين ئي 400 جي نشان کي عبور ڪري سنگين زمري ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته جتي اها سموگ خطري جو سبب آهي، اتي ڀارتي شهري ان تي ميمز بڻائي رهيا آهن، جيڪي سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيا آهن، اهو ئي نه تازو ئي آيل دهلي ۾ زلزلي ۽ سموگ کي گڏائي به ميمز بڻايا ويا آهن.