اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف وڌندڙ سياسي انتشار، تيزي سان ڪر کڻندڙ دهشتگردي، سرحدن تي ڦهلجندڙ عدم استحڪام سميت قومي سلامتي لاءِ پيدا ٿيل خطرن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي رياست ۽ حڪومت کان پنهنجون ترجيحون فوري طور تي درست ڪرڻ ۽ قومي سلامتي جي تحفظ جي حوالي سان سنجيده طرز عمل اختيار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، تحريڪ انصاف جي مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو آهي ته پاڪ- افغان سرحد تي دهشتگردن جي يلغار جو جوان مردي سان مقابلو ڪرڻ ۽ انهن کي ڪاميابي سان پوئتي هٽائيندڙ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائيندي شهادت ماڻيندڙ جوان قوم جا هيروز آهن، پنهنجي شهيدن کي عقيدت جو سلام ڪندي انهن جي گهر ڀاتين سان دلي همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيون ٿا، قومي سلامتي حساس ۽ سنجيده ترين معاملو آهي، ان تي ڇانيل خطرن جا بادل نهايت ڳڻتي جوڳا آهن، گذريل 17 مهينن دوران سڄي ملڪ خاص طور تي خيبر پختونخوا جي سرحد سان لاڳاپيل علائقن ۾ تيزي سان ڪر کڻندڙ دهشتگرد رياست ۽ حڪومت جي لاءِ فڪر جو لمحو آهن، پاڪ –افغان سرحد تي ڇڪتاڻ ۽ هٿياربند يلغار قومي سلامتي جي ڪيفيت تي سنگين خدشن جو سبب بڻجي رهجي آهي،
قوم، قانون لڳندڙ ادارن ۽ فوج دهشتگردي جي ناسور سان سالن تي ٻڌل لڙائي ۾ قابل قدر قربانيون پيش ڪيون آهن، بدترين معاشي تباهي سبب ڪشمير کان گلگت ۽ ڪراچي کان گوادر تائين ڦهليل اندروني بيچيني ۽ اضطراب قومي سلامتي جي لاءِ چيلينجز جي شدت ۾ اضافو ڪري رهيو آهي، آئين کان بدترين انحراف، انساني حقن جي بي رحماڻين پائمالين ۽ ملڪي سياست کي جبر ۽ لاقانونيت سان دٻائڻ جي ضد رياست جي ڌيان ۽ توانائين ۾ تباهه ڪن انتشار جا وڏا سبب آهن، صورتحال جي نزاڪت جو احساس ڪيو وڃي ۽ رياست ۽ حڪومت پنهنجو موجوده رويو تبديل ڪن.