اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ باجوڙ ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس اهلڪارن تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. ڪابينا پاران شهيد پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪابينا اجلاس ۾ ڳالاهيندي چيو ته رياست شهيدن جي خاندانن کي ڪڏهن به نه وساريندي. شهيد پوليس اهلڪارن پنهنجو اڄ اسان جي سڀاڻي لاءِ قربان ڪيو. دهشتگرد جيتريون بزدلاڻيون ڪارروايون ڪندا، اوترو ئي انهن خلاف جنگ تيز ٿيندي. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد 24 ڪروڙ عوام جي عزم کي شڪست نٿا ڏئي سگهن. پاڪستان مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين مشن ڀرپور نموني جاري رهندو.