جيڪب آباد(رپورٽر) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته دهشتگرد بلوچستان جي نوجوانن کي خودڪش بڻائي رهيا آهن، جڏهن ته اسان انهن لاءِ آڪسفورڊ ۽ هارورڊ يونيورسٽين جا دروازا کولي رهيا آهيون، بلوچستان ۾ دهشتگردي خلاف جنگ جاري آهي، اسان هر مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي چاهيون ٿا، پر بدقسمتي سان جبلن تي ويٺل ڳالهين بدران بندوقن سان ڳالهائي رهيا آهن، اھڙين خيالن جو اظهار هن جيڪب آباد ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر اعجاز حسين جکراڻي سان سندس ماءُ جي وفات تي تعزيت ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته بلوچستان جون حالتون جيڪي خراب ڪري رهيا آهن، اهي دهشتگرد آهن دهشتگردن جي ڪا قوم يا قبيلو ناهي. پيپلزپارٽي هر مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، جيڪڏهن بلوچستان جي مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي نڪرندو ته ان کان وڌيڪ خوبصورت ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو؟. جيڪڏهن اهي بندوقن سان ڳالهائين ٿا ته اسان انهن کي به ساڳيو جواب ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان بلوچستان جي نوجوانن جي مدد ڪري رهيا آهيون، اسان انهن کي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ مصروف ۽ انهن کي تعليم ڏانهن راغب ڪري رهيا آهيون. بلوچستان ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسڪالرشپ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي اسان بلوچستان جي نوجوانن لاءِ آڪسفورڊ ۽ هارورڊ سميت دنيا جي بهترين يونيورسٽين جا دروازا کولي رهيا آهيون. گم ٿيل ماڻهن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جو معاملو تڪراري آهي. اهو طئي ڪرڻ ڏکيو آهي ته ڪنهن کي ڪنهن غائب ڪيو آهي ۽ ڇا انهن کي زبردستي غائب ڪيو ويو آهي يا پاڻمرادو غائب ٿيا آھن. انگن اکرن جو معاملو پڻ ھن وقت تائين تڪراري آهي، اسان بلوچستان اسيمبلي ۾ هن معاملي تي خاص قانون سازي ڪئي آهي ته جيئن مستقبل ۾ رياست يا رياستي ادارن تي اهڙا الزام نه لڳن ۽ الزامن جو رستو هميشه لاءِ بند ٿي وڃي. هن چيو ته ايران اسان جو برادر اسلامي ملڪ آهي ۽ پوري قوم ايران سان گڏ بيٺي آهي. بلوچستان جو سرحدي علائقو ايران سان ملندو آهي. اسان اتي کاڌي پيتي سميت ٻين سڀني انتظامن جو منصوبو ٺاهيو آهي ته جيئن اسان ڪنهن به قسم جي صورتحال کي منهن ڏئي سگهون جيڪب آباد ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا.