اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪ ترڪيه اسٽريٽجڪ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق، سماجي ۽ ثقافتي بنيادن تي ملٽري ۽ سول شخصيتن جون بدليون، ايئر فورس اليڪٽرانڪ وار فيئر، انرجي ٽرانزيڪشن ۽ ڪم ڪرڻ واري شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ سميت مختلف شعبن ۾ 24 معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشت نامن تي صحيون ڪيون ويون، تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ پائيدار ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ملي رهي آهي، غزه صورتحال تي پاڪستان جو موقف واضح آهي، ترڪيه ڪشمير مسئلي تي هميشا پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي، پاڪستان قبرص جي معاملي تي ترڪي جي حمايت ڪندو رهندو، وزيراعظم چيو ته رجب طيب اردگان اسلامي دنيا جو اهم ترين اڳواڻ آهي، جنهن پنهنجي ملڪ ۾ نظام کي مثالي بڻايو ۽ عوام کي مسئلن مان ڪڍي بهتر مستقبل ڏانهن آندو. شهباز شريف چيو ته غزه جي مظلوم فلسطيني عوام لاءِ صدر رجب طيب اردگان جون ڪوششون به قابل قدر آهن، ترڪي هميشه ڪشميري عوام جي حوالي سان پاڪستان جي موقف سان گڏ رهيو آهي، ۽ هو پاڻ به والاريل جمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آزادي ۽ خودمختياري جي حق جو وڏو حامي آهي. هن چيو ته پاڪستان، ان جي عوام ۽ فورسز جي جوانن هميشه امن جي قيام لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، ترڪي به اهڙي صورتحال کي ڏٺو آهي، ترڪي به دهشتگردي خلاف قربانيون ڏنيون ويون آهن. اميد آهي ته ٻئي برادرانه ملڪن ۾ تجارت، سرمايه ڪاري ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ تعاون به نئين بلندين طرف ويندو. ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ادارتي لاڳاپا ۽ دوستي هن وقت بلند ترين سطح تي آهي، اسان واپار، دفاع، توانائي ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان سان ڀرپور تعاون لاءِ تيار آهيون، پاڪستان جي ترقي اسان لاءِ خوشي جو باعث آهي. رجب طيب اردگان چيو ته پاڪستان اسان جو ٻيو گهر آهي، هتي اچي خوشي ٿي، اڄ اسان دفاع، واپار، زراعت، سماجي خدمتن، بينڪنگ ۽ ٻين شعبن ۾ 24 معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن، ملاقات ۾ شهباز شريف به گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. صدر آصف علي زرداري سان به ملاقات ۾ اهم معاملا غور هيٺ آيا آهن.  هن چيو ته مان شهباز شريف کي گذارش ڪريان ٿو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي 5 ارب ڊالرن تائين پهچايو وڃي، ان لاءِ قدم کنيا وڃن ته جيئن ٻئي ملڪ ڀائراڻن لاڳاپن مان فائدو وٺي سگهن، ترڪي به پاڪستان سان سيڙپڪاري ۽ گڏيل پيداوار جا منصوبا قائم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ترڪ صدر چيو ته پاڪستان کي به ترڪي جي تيار ڪيل اليڪٽرڪ ڪار متعارف ڪرائڻ گهرجي، مان جلد اها ڪار پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف کي تحفي ۾ پيش ڪندس. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي ٻه عظيم ملڪ آهن، پنهنجي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپ لاءِ حوصلا افزائي ڪري رهيا آهن، هن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کي ساراهيو ۽ واپار سميت مختلف شعبن ۾ ترڪي جي تعاون جو يقين ڏياريو. ان کان اڳ اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪي جي صدر جي موجودگي ۾ معاهدن جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ٿي، جنهن دوران شهباز شريف ۽ رجب طيب اردگان معاهدن جي دستاويزن جي مٽا سٽا ڪئي. ان کانپوءِ بچاءَ وارو وزير خواجه آصف ۽ ترڪ هم منصب اسٽيج تي آيا ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سول، فوجي ۽ دفاعي سهڪار ۽ هوائي فوج جي حوالي سان 24 معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون.