دهشتگردي خلاف استعمال ٿيندڙ آمريڪي هٿيار ڪارڪنن تي هلايا ويا، عدالتي جاچ ڪرائي وڃي: پي ٽي آءِ

0
22
دهشتگردي خلاف استعمال ٿيندڙ آمريڪي هٿيار ڪارڪنن تي هلايا ويا، عدالتي جاچ ڪرائي وڃي: پي ٽي آءِ
دهشتگردي خلاف استعمال ٿيندڙ آمريڪي هٿيار ڪارڪنن تي هلايا ويا، عدالتي جاچ ڪرائي وڃي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ آمريڪا هٿيارن ۾ اسنائپر گن، رائفلز ريمنگٽن 700، ڪيليبر 308 هئا اهي هٿيار سيڪيورٽي ادارن پاران تحريڪ جي ڪارڪنن خلاف استعمال ڪيا ويا. تحريڪ انصاف پاران جاري ڪيل بيان ۾ عمر ايوب چيو آهي ته ان هٿيار جي رفتار 741 ميٽر في سيڪنڊ آهي. آمريڪا جي مشين گن سان ريپڊ فائرنگ ڪئي وئي ان جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي.  ڊي چوڪ تي آپريشن شروع ٿيڻ بعد پارٽي قيادت جي ڀڄڻ واري سوال تي عمر ايوب چيو ته آئون، علي امين ۽ بشريٰ آخري وقت تائين اسلام آباد ۾ هئاسين، پر اسنائپرز پاران فائرنگ شروع ٿيڻ بعد واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو.