لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ايس ايس پي لاڙڪاڻو سيد عبدالرحيم شيرازي ضلعي جي سمورن ڊي ايس پيز ۽ ايس ايچ اوز کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته عوامي هنڌن، درگاهن، امام بارگاهن، مسجدن ۽ خاص طور اقليتي برادري جي عبادتگاهن ۽ گرجا گهرن وارن علائقن اندر پوليس گشت ۾ اضافو ڪري شرپسند عناصرن تي ڪڙي نظر رکي وڃي، ايس ايس پي کين چيو آهي ته سيڪيورٽي انتظامن ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.