بلوچستان صوبي ۾ فوجي آپريشن جو باضابطه طور اعلان ڪيو ويو آھي، اهڙو اعلان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ جوڙيل نيشنل ايڪشن پلان جي ايپيڪس ڪميٽيءَ جي وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس بعد وزير اعظم هائوس مان پڌرائيءَ ذريعي ڪيو ويو آھي .
بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ڪرڻ جي منظوري ڏيندڙ ايپيڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سميت ٻي عسڪري قيادت ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ “پاڪستان جي دهشتگرديءَ جي روڪٿام جي مهم کي ٻيهر متحرڪ ڪرڻ” تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي سيڪيورٽيءَ جي بدلجندڙ منظرنامي ۽ دهشتگرديءَ جي روڪٿام لاءِ ٿيندڙ ڪوششن ۽ ٻين ڪريٽيڪل چئلينجن سوڌو، امن امان جي مجموعي صورتحال، ذيلي قومپرستي، مذهبي انتهاپسنديءَ کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوششن خلاف، غير قانوني اسپيڪٽرم ۽ ڏوهن، دهشتگردي ۽ ٻين مسئلن کان علاوه بغاوت ۽ غلط معلوماتي مهم متعلق بريفنگ ڏني وئي. ايپيڪس ڪميٽيءَ انهن گهڻ رخي چئلينجن کي موثر انداز ۾ مُنهن ڏيڻ لاءِ هڪ متحد سياسي آواز ۽ هڪ مربوط قومي ردعمل جي ضرورت کي اُجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سياسي حمايت ۽ مڪمل قومي اتفاق راءِ، عزم ۽ استحڪام جي فريم ورڪ تحت قومي دهشتگرديءَ خلاف مهم کي ٻيهر متحرڪ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. نيڪٽا کي بحال ڪرڻ ۽ نيشنل ۽ صوبائي انٽيليجنس فيوزن اينڊ ٿريٽ اسيسمينٽ سينٽر قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. انهن مسئلن کي جامع طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ سفارتي، سياسي، معلوماتي، انٽيليجنس، سماجي، معاشي ۽ فوجي ڪوششون شامل ڪندي، هڪ مڪمل نظام جو طريقو اختيار ڪيو ويو. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ۽ لاڳاپيل ادارن ۽ وزارتن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط ڪرڻ تي خاص زور ڏنو ويو ته جيئن سي ٽي مهم تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مليل هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ صوبائي ايپيڪس ڪميٽين تحت ضلعي رابطا ڪميٽيون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. فورم ڏوهن ۽ دهشتگرديءَ جي غيرقانوني اسپيڪٽرم کي ختم ڪرڻ لاءِ سياسي عزم جو مظاهرو ڪيو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن بلوچستان ۾ سرگرم دهشتگرد تنظيمن، جن ۾ مجيد برگيڊ، بي ايل اي، بي ايل ايف ۽ بي آر اي ايس ۽ ٻيون تنظيمون شامل آھن، جي خلاف هڪ جامع فوجي آپريشن جي منظوري ڏيندي موقف اختيار ڪيو ويو ته بلوچستان ۾ اهي تنظيمون دشمنن، ٻاهرين طاقتن جي هٿان استعمال ٿيندي عدم تحفظ پيدا ڪري پاڪستان جي معاشي ترقيءَ کي روڪڻ لاءِ معصوم شهرين، غير ملڪي شهرين ۽ عام ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيون آهن. آرمي چيف قومي سلامتيءَ کي درپيش سمورن خطرن کي ختم ڪرڻ ۽ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت جي ڪوششن جي مڪمل حمايت لاءِ پاڪ فوج جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي هدايت ڪئي ته، اهي بيان ڪيل قدمن تي ڀرپور طريقي سان عمل ڪن ۽ انهن تي بروقت عملدرآمد کي يقيني بڻائين. وزير اعظم پاڪستان جي خودمختياريءَ جي تحفظ، شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ، معاشي ۽ سماجي استحڪام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مسلسل، مربوط ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو.
بلوچستان کي اڳ ئي انتهائي حساس صوبو تصور ڪيو وڃي ٿو، انهيءَ صوبي ۾ فوجي آپريشن جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا وارو سوال اهم آھي، اهڙن اهم سوالن تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ به گهرجي. بلوچستان صوبي ۾ جيڪا امن امان جي صورتحال آھي، اها واقعي ڳڻتيءَ جوڳي آھي. گذريل ٻن هفتن دوران بلوچستان سيڪيورٽي فورسز تي هِي ٽيون وڏو حملو آهي، جنهن ۾ هيستائين اهلڪارن سميت 35 ڄڻا ماريا ويا آهن. نائين نومبر تي ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي آپگهاتي حملي ۾ اهلڪارن سميت 26 ڄڻا مارجي ويا هئا. جڏهن ته 60 کان مٿي زخمي ٿي پيا هئا. ان حملي جي ذميواري به ‘بي ايل اي’ قبول ڪئي هئي. چوڏهين نومبر تي به بلوچستان جي هرنائي ضلعي جي مانگي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏيءَ تي حملي ۾ فوج جو هڪ ميجر ۽ حوالدار مارجي ويا هئا.
بلوچستان جي گهرو معاملن جي کاتي جي گڏ ڪيل انگن اکرن موجب، صوبي ۾ هلندڙ مهيني دوران دهشتگرديءَ جا 200 واقعا ٿيا، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 200 کان وڌيڪ ماڻهن حياتيون وڃايون. بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن جا تفصيل ڏيڻ جو مقصد اهو آھي ته نواب اڪبر بگٽي جي شهادت کان اڳ بلوچستان ۾ هي حالتون نه هيون، نواب اڪبر بگٽي جي شهادت بعد بلوچستان صوبي جون حالتون خراب کان خراب تر ٿينديون ويون. مونکي ياد آھي ته شهادت کان اڳ جڏهن نواب اڪبر بگٽي وٽ ويو هئس ته انٽرويو ۾ اهو به سوال ڪيو هو ته مختلف حملن بعد جيڪي تنظيمون بي ايل اي وغيره جي نالي تي ذميواري قبول ڪن ٿيون، ڇا اهي واقعي بلوچن جون آھن، ته نواب صاحب تصديق ڪئي هئي ته انهن تنظيمن جو وجود آھي، جن کي بلوچ ئي ليڊ ڪن پيا، اسان جي همدردي انهن سان آھي.
بلوچستان ۾ نواب اڪبر بگٽي جي شهادت بعد پيپلز پارٽي آغاز حقوق بلوچستان پيڪيج ڏنو. ڊاڪٽر مالڪ بلوچ جي صوبائي حڪومت بلوچستان ۾ علحيدگي پسندن سان ڳالهيون ڪيون پر ڪو نتيجو نه نڪتو. اختر مينگل پي ٽي آءِ حڪومت جي حمايت ان ڪري ڪئي ته جيئن گم ٿيل ماڻهو بازياب ٿين. جڏهن ائين نه ٿيو ته ان پي ٽي آءِ حڪومت ڇڏي پي ڊي ايم حڪومت جي به انهيءَ مقصد لاءِ حمايت ڪئي هئي پر هن وقت تائين بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آھي ۽ اختر مينگل ايترو مايوس ٿي ويو آھي جو هُو قومي اسيمبليءَ جي رڪنيت تان ئي استعيفا ڏئي چڪو آھي، جيڪا استعيفا اڃان منظور نه ٿي آھي. ڏسجي ته بلوچستان جون حالتون جتي پهتيون آھن، اُتي وفاق جي سياست ڪندڙ بلوچستان جي قومپرستن کي تمام گهڻن مسئلن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. هاڻي بلوچستان ايترو تبديل ٿي ويو آھي جو جيترا ماڻهو ڪو سردار به گوادر ۾ گڏ نٿو ڪري سگهي، اوترا ماڻهو هڪ بلوچ نياڻي جي قيادت ۾ گڏ ٿي وڃن ٿا. نه رڳو ايترو پر بلوچستان جي تاريخ ۾ ائين ڪڏهن نه ڏٺو ويو آھي ته بلوچ عورتون احتجاجن ۽ ڌرڻن ۾ تمام وڏي انگ ۾ شريڪ ٿين پر هن وقت ائين ٿي رهيو آھي.
بلوچستان جون هِي حالتون ڇو ٿيون آھن، واري سوال تي اڄ سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت آھي ۽ اهو پاڻ کان سوال ڪرڻ جي به ضرورت آھي ته بلوچستان جي احساسِ محرومي جي وڌي وڻ ٿيڻ ۾ حڪومت جو ڪيترو ڪردار آھي، ڇا جيڪو بلوچستان جو گئس لاهور تائين استعمال ٿيو، انهيءَ سوئي جي علائقي کي به مڪمل طور گئس نه ملڻ، جنهن جي نالي سان سوئي گئس مشهور ٿيو، ڇا اها زيادتي نه آھي، اهو به ڏسڻ گهرجي ته نواب اڪبر بگٽي خلاف آپريشن هجي يا 1970ع جي بعد جو آپريشن هجي. انهن آپريشنز جا بلوچستان جي سياست تي ڪهڙا اثر پيا آھن، دهشتگرديءَ جي ڪير به حمايت نٿو ڪري پر ناراض شهرين سان ڳالهيون ڇو نٿيون ٿي سگهن؟ ڇا اسان جي حڪومتن طالبان سان ڳالهيون نه ڪيون؟ ڇا بلوچ علحيدگي پسند طالبان کان به وڏا دهشتگرد آھن، جو انهن سان ڳالهيون نه ڪري سگهجن؟!