اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ 23 دهشتگرد مارڻ تي سڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فتح کانسواءِ پاڪستان وٽ ڪو ٻيو آپشن ناهي، قوم شهيد جوانن ۽ سندن خاندانن جي سدائين قرضي رهندي. جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ ٽن آپريشنن دوران 23 دهشتگرد مارجڻ وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردن  سان جنگ ڪندڙ سڪيورٽي فورسز جي جوانن جي پويان بيٺل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جا جوان قوم جا بهادر پٽ هئا، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فتح کانسواءِ پاڪستان وٽ ڪو ٻيو آپشن ناهي.