اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردن جا 10 نسل به بلوچستان ۽ پاڪستان جو ڪجهه نه ٿا بگاڙي سگهن، جيستائين عوام پاڪستان جي فوج سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ کي ڪو به نقصان نه ٿو پهچائي سگهي. اسلام آباد ۾ پهرين اوورسيز پاڪستانيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي جنرل عاصم منير چيو ته اڄ مان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جا جذبا ڏسي تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان ۽ مان پڪ سان چوان ٿو ته اسان جا اوهان لاءِ جذبا ان کان به وڌيڪ مضبوط آهن. توهان رڳو پاڪستان جا سفير نه پر اها روشني آهيو جيڪا سڄي دنيا تي پوي ٿي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو برين گين جو بيانيو گهڙين ٿا، هو اِهو ڄاڻي وٺن ته هي برين گين آهي، سمنڊ پار پاڪستاني برين گين جو بهترين مثال آهن، توهان سڀني کي پاڪستان جي اها ڪهاڻي پنهنجي ايندڙ نسلن تائين پهچائڻي آهي، جنهن بنياد تي اسان جي وڏڙن هي ملڪ حاصل ڪيو. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته ڇا دشمن اِهو سمجهن ٿا ته ڪجهه دهشتگرد پاڪستان جي تقدير جو فيصلو ڪري سگهن ٿا؟ هن چيو ته دهشتگردن جا 10 نسل به پاڪستان يا بلوچستان جو ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهن، بلوچستان پاڪستان جي تقدير ۽ مٿي جو جھومر آهي. جيستائين غيرتمند عوام اسان سان گڏ آهي، فوج هر ڏکيائي کي منهن ڏئي سگهي ٿي. جنرل عاصم منير چيو ته الله تعاليٰ ملڪ کي اڻکٽ وسيلن سان نوازيو آهي، جنهن تي اسان کي هميشه شڪر ادا ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اڄ اسين گڏجي واضح پيغام ڏئي رهيا آهيون ته جيڪو به ملڪ جي واڌاري جي واٽ ۾ رنڊڪ بڻجندو، اسان گڏجي ان رنڊڪ کي هٽائينداسين. هن چيو ته اسان ڪڏهن به ڏکيائين اڳيان نه جهڪيا آهيون نه ئي ڪڏهن جهڪنداسين، جيستائين عوام فوج سان گڏ آهي ملڪ کي ڪو به نقصان نه ٿو رسائي سگهي، قوم پنهنجن شهيدن کي وڏي عزت ۽ وقار سان ياد ڪري ٿي، سندن قربانيون لازوال آهن، جن کي ڪڏهن وساري نه سگهنداسين. جنرل عاصم منير خطاب جي آخر ۾ چيو ته توهان پنهنجو ڳاٽُ هميشه فخر سان مٿي رکو، ڇو ته اوهان ڪنهن عام ملڪ جا شهري نه پر هڪ عظيم ۽ سگهاري ملڪ جا نمائندا آهيو، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، هئي ۽ هميشه رهندو. پاڪستانين جا دل هميشه غزه جي مسلمانن سان ڌڙڪندا رهندا.
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اوورسيز پاڪستانين لاءِ اسلام آباد ۾ خاص عدالتون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته انهن کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جي سهولت ڏني ويندي ته جيئن انهن کي پاڪستان نه اچڻو پوي. اسلام آباد ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي پهرين سالياني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني مختلف ملڪن ۾ رهن ٿا ۽ انهن ڏينهن رات اتي محنت ڪري پنهنجو، پنهنجي خاندان ۽ ملڪ جو نالو ڪمايو آهي. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جا سفير آهن، اهي اسان جي سر جو تاج آهن، پرڏيهه رهندڙ پاڪستانين پنهنجي محنت ۽ لگن سان پنهنجو نالو ڪمايو آهي، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ سمنڊ پار پاڪستانين ملڪ جي خدمت ڪئي آهي. شهباز شريف چيو ته اسان توهان جو ڪيترو به تعريف ڪريون، اهو گهٽ آهي، ان ڪري نه ته توهان اربين ڊالر موڪلي رهيا آهيو، پر ان ڪري جو توهان پنهنجي محنت وقار ۽ ايمانداري سان موڪلي رهيا آهيو ۽ پاڪستان کي درپيش پرڏيهي مٽاسٽا جي چئلينجن ۾ خال کي ڀري رهيا آهيو. هن چيو ته اسان توهان جا سڀئي نقطا نوٽ ڪيا آهن، اسان توهان کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جيڪا توهان پاڪستان ۽ معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين خدمت ڪري رهيا آهيو. هن وڌيڪ چيو ته توهان ماڻهو پرڏيهه ۾ پاڪستان جو جهنڊو بلند ڪري رهيا آهيو، جنهن لاءِ توهان جي پيرن تي ڪيتريون به مراعتون نڇاور ڇو نه ڪيون، اهي گهٽ آهي. اهو وقت ضرور ايندو جڏهن توهان جي جائز مطالبن کي مڃڻ لاءِ سڀ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير هڪ سچو پاڪستاني ۽ هڪ بهترين پيشيور آهي. جيڪو سندس دل ۾ آهي، اهو ئي سندس زبان تي آهي. خدا جي فضل سان پاڪستان جو دفاع سندس هٿن ۾ محفوظ آهي. ڪو به پاڪستان کي گندي نظر سان نٿو ڏسي سگهي، ۽ جيڪو به ان کي گندي نظر سان ڏسندو، پاڪستاني ان اک کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيندا. هن چيو ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته ملڪ اندر پکڙيل دهشتگردي جو ڪٿان ٿي آهي، دهشتگردن کي ڪير فنڊ ڪري رهيو آهي، پر اصل ڳالهه اها آهي ته وڏيون قربانيون ڏنيون پيون وڃن ۽ ماضي ۾ جڏهن دهشتگردن پاڪستان ۾ دهشتگردي جي بازار گرم ڪئي هئي ته 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا، جن ۾ ڊاڪٽر، سياستدان، دڪاندار ۽ مزدور شامل هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني هٿياربند فوج پاران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪيل جهاد ۽ جنگ جديد دور ۾ بي مثال آهي. اڄ ساڳئي تاريخ کي ورجايو پيو وڃي.