اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته اسان وٽ انٽيليجنس ڄاڻ آهي ته دهشتگرد پاڪستان ۾ غيرقانوني طور رهندڙ ماڻهن سان رابطي ۾ آهن، ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ هو ته انٽيلجنس ڄاڻ تي افغانستان جي عبوري حڪومت کي دهشتگردن ۽ انهن جي ٺڪاڻن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ چيو آهي، اسان ٽي ٽي پي خلاف ڪاروائيءَ جا خواهشمند آهيون، چاهيون ٿا ته پاڪستان جي سيڪيورٽيءَ لاءِ خطرا پيدا ڪندڙ هي گروپ ختم ٿي وڃي. هن چيو ته پاڪستان مان 52 هزار 368 ٽئين ملڪ هليا ويا آهن، پاڪستان افغانستان سان ٻه طرفي تجارت ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ جي سهولت ڏيندو رهندو، جعلي دستاويزن تي ٺاهيل ڪاروبار کي پاڪستاني قانون تحت منهن ڏنو ويندو،2 لک کان وڌيڪ غيرقانوني افغان پناهگيرن جي واپسي ٿي چڪي آهي، هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان ڪشميرين جي حمايت جاري رکندو، پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته غزا ۾ اسپتالن تي اسرائيلي حملن جو نوٽيس وٺي. يوڪرين کي هٿيارن جي فراهمي متعلق پڇيل سوال جي جواب ۾ ترجمان دفتر خارجه چيو ته پاڪستان يوڪرين يا روس کي هٿيار وڪرو ناهن ڪيا.