پشاور(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي امن جي دشمنن جو پيڇو ڪندي، دشمنن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائڻ پهرين ترجيح آهي، آرمي چيف جنرل عاصم منير پاران قومي سلامتي کي ڇيهو رسائيندڙ ڌُرين کي پاڙان پٽي اُڇلڻ جو عزم ڪيو، دشمنن جا نيٽ ورڪس ختم ڪرڻ جو عزم ورجايو، آرمي چيف چيو ته فوجي جوانن جون قربانيون اسان جي قومي عزم جو بُنياد آهن، اهي قربانيون فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جذبي کي وڌيڪ پُختو ڪن ٿيون، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير پشاور جو دورو ڪيو، آرمي چيف کي هاڻوڪي سيڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف جاري آپريشنز ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي، اُن موقعي تي وڏو وزير علي امين گنڊاپور ۽ فيلڊ ڪمانڊرز به موجود هئا.