نئون ديرو: بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46 هين ورسي جلسي جي مک تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان واسي بلوچستان جون حالتون ڏسي پريشان آهن، مان خاطري ٿو ڏياريان ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ پيپلز پارٽي بلوچستان کي دٻڻ ۽ دهشتگردي مان نجات ڏياري ساهه پٽيندي. هن چيو ته مخالف بلوچستان ۾ تنقيد ڪري رهيا آهن، بلوچستان ۾ جيڪا دهشتگردي آهي، ان خلاف اسان جي پارٽي جي قيادت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، صدر آصف علي زرداري بيٺا رهيا ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردن جي اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهه ڪئي، مان واعدو ٿو ڪيان ته اسان نه اڳ دهشتگردن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ نه هاڻي ڦٽا ڪنداسين، پيپلز پارٽي بلوچستان کي حقوق بلوچستان، اسڪالرشپ پروگرام سميت ٻيا منصوبا ڏئي بلوچستان وارن کي ڳلي سان لڳايو، اڄ به بلوچستان جي عورتن جي حوالي سان پيپلز پارٽي جي جيڪا روايت آهي، اسين ان کي قائم رکنداسين. هن چيو ته اڄوڪي پاڪستان پيپلز پارٽي جي پهرين حڪومت ۾ 4 عورتون اسيمبلي جون ميمبر آهن، پر جيڪي عورتون عورت جي نالي تي دهشتگردي کي پروموٽ ڪري دهشتگردن جي سهولتڪاري ڪري هٿي وٺرائن ته انهن خلاف پيپلز پارٽي لوهي جي ديوار بڻجي ويندي، پيپلز پارٽي مظلومن سان بيٺل آهي جن جي مڙسن ۽ ٻارن جي سامهون قتل ڪيو وڃي ٿو، اسان مظلوم سان گڏ بيٺا آهيون ۽ پيپلز پارٽي مظلومن سان گڏ بيٺي آهي، پيپلز پارٽي ڪڏهن به قرباني کان ڪو نه ڪيٻايو آهي، اسان پنهنجي جانين جا نذرانا ڏينداسين پر پاڪستان کي بچائينداسين جيڪي پاڪستان کي ٽوڙڻ چاهن ٿا انهن جي آڏو اسين نه جهڪنداسين، پيپلز پارٽي جي بلوچستان حڪومت دهشتگردي جو خاتمو ڪري بلوچستان جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪندي.