ڪراچي(م ڊ) فلسطينين جي قتلام تي سڄي دنيا ۾ ڪاوڙ جي لهر وڌندي پئي وڃي، ماڻهن جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو، هنڌ هنڌ تي احتجاج ڪيو پيو وڃي. آمريڪي شهر ڪيپيٽل هل ۾ يهودين وڏي ريلي ڪڍي مظلوم فلسطينين جي حق ۾ مظاهرو ڪيو.  احتجاج ڪندڙن ڪانگريس جي عمارت ۾ داخل ٿي ڌرڻو هنيو ته ڪيپيٽل پوليس مٿن ڪڙڪي پئي، پوليس ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو. شڪاگو ۽ نيويارڪ ۾ ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ جي ٻاهران به هزارين ماڻهو فلسطينين جي حمايت ۾ رستن تي نڪري آيا، مختلف هنڌن تي چڪريون پڻ ٿيون. هوڏانهن فرانس ۾ اسرائيل مخالف ريلي ۾ پوليس مظاهرين ۾ شامل هڪ عورت تي حملو ڪري ڏنو، فرانسيسي عدالت فسلطين جي حق ۾ مظاهرن تي لڳل پابندي حڪومت ختم ڪري ڇڏي، عراقي گادي واري هنڌ بغداد ۾ احتجاج ڪندڙ پرڏيهي سفارتي زون ۾ گهڙي ويا، برطانيا، يونان، ڪينيڊا ۽ ڪيوبا سميت پيرو ۾ وڏو احتجاج ٿيو، احتجاجي ريليون ۽ ڌرڻا هنيا ويا، مظاهرين عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته غزه تي ظلم بند ڪري عالمي قانون تحت اسرائيل خلاف قانوني ڪئي وڃي.