حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عورتن جي ڀلائي ۽ ترقي واري کاتي پاران عورتن تي ٿيندڙ تشدد کي روڪڻ لاءِ 16 ڏينهن جون سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن. ان مهم تحت تشدد جو شڪار ٿيندڙ عورتن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ عورتن کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ويندو ته هو مٿن تشدد خلاف لاڳاپيل ادارن سان رجوع ڪن. عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي حيدرآباد ۾ سينيئر نفسياتي ماهر سيده قرت العين شاهه انڪشاف ڪيو آهي ته دنيا ۾ تشدد سبب لکين عورتون متاثر ٿين ٿيون. هن چيو ته ڊبليو ايچ او جي رپورٽ مطابق ٽن مان هڪ عورت روزانو تشدد جو شڪار ٿئي ٿي. ان تشدد ۾ عورت جو ويجهو ساٿي يا غير مرد جسماني توڙي جنسي لحاظ سان تشدد ۾ ملوث هجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان خاص طور سنڌ ۾ عورتن جي حوالي سان حالتون غير تسلي بخش آهن. سندس اداري پاران حيدرآباد جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ سرن جي بٺن تي ڪم ڪندڙ عورتن ۾ سجاڳي جي حوالي سان مهم شروع ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جيڪي عورتون سرن جي بٺن تي ڪم ڪن ٿيون اهي زندگي جي بنيادي سهولتن کان محروم آهن ۽ هو پيٽ گذر لاءِ بٺن تي ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور هجن ٿيون. هن چيو ته 15 کان 24 سالن جي عمر رکندڙ چئن مان هڪ ناري خراب معاشي حالتن سبب تشدد جو شڪار ٿئي ٿي.