ڪراچي ( رپورٽ : فقير سليم) جناح سنڌ ميڊيڪل ورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر امجد سراج چيو آهي ته اسين ذاتي طور گهڻو ڪجهه ڪريون ٿا پر اجتماعي طور اسين اھو نٿا ڪريون، اسين پنهنجي حصي جو ڪم ڪندا ناھيون ۽ حڪومت مان اميدون رکندا آھيون. دنيا ۾ ڪٿي به صحت جي سھولت مفت ناھي پر سنڌ ۾ مفت آھي پر انھي جي مانيٽرنگ ٺيڪ ناھي،صحت واري سيشن ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته صحت واري شعبي تي اڍائي سو ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ٿئي ٿو پر اھو نظر نٿو اچي، اسان اليڪشن ۾ ووٽ وٺندڙ کان ماستري انھي ڪري ٿا گھرون ته جيئن گھوسٽ ٿي ڪم ڪريون، اسان جو نوجوان رڳو حرامخوري ڪرڻ ٿو چاھي، طبي ماهر ڊاڪٽر حضوران شيخ چيو ته جسماني، ذھني ۽ معاشي طور مستحڪم ھجڻ ئي صحتمندي آھي ـ صحت تي ڪم ڪرڻ کان اڳ سوشل ويلفيئر تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. سوشل ميڊيڪل ويلفيئر کي فعال ڪرڻ سان سرڪار جو خرچ گھٽ ٿي ويندو، ڇاتي جي ڪينسر جي علاج جي ماھر ڊاڪٽر روفينا سومرو چيو ته وڏن شھرن ۾ ته ماھر ڊاڪٽر ملن ٿا پر پاڪستان خاص طور تي سنڌ جي ڳوٺن ۾ بنيادي صحت نٿي ملي، صحت جي بجيٽ استعمال نٿي ٿئي، ٻيو ته ڊاڪٽر به گھوسٽ آھن، جيڪو ڊاڪٽر ايف سي پي ايس ڪري ٿو، اھو پنهنجي ڳوٺ ڏانهن واپس نٿو وڃي. وڏين سرڪاري اسپتالن ۾ منجهند هڪ وڳي کانپوءِ ڪو سينيئر ڊاڪٽر نٿو ملي، اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي، هن چيو ته شڪارپور ۾ وڏيون اسپتالون آھن پر اتي به غريبن کي سروسز نٿيون ملن، منهنجي ڏاڏي شهيد الله بخش سومري جي خواهش هئي ته اسان جي خاندان ۾ ڪو ڊاڪٽر ٿئي ، مون انهي ڪري شڪارپور ۾ اسپتال جو بنياد رکيو آهي، هن چيو ته ڪراچي سميت سنڌ ۾ نام نهاد يونيورسٽيون آھن، اھي ايوريج سروس به نٿيون ڏين.