دنيا ۾ جنگين جا سوداگر ۽ مرندڙ عوام

0
37
دنيا ۾ جنگين جا سوداگر ۽ مرندڙ عوام

جڏهن به دنيا ۾ ڪن ٻن ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي ٿي ته ميڊيا تي جنگي ڌمڪين جو شور وڌي ٿو وڃي. سرڪاري بيانن جي وٺ وٺان ٿئي ٿي ۽ سوشل ميڊيا تي جذباتي هوڪرا وڌي وڃن ٿا، پر هي تماشو ڪنهن جي لاءِ آهي؟ ڇا هي قومن جي سلامتي لاءِ آهي يا حڪمرانن جي ناڪاميءَ تان عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ آهي؟ ڇا اهو اتفاق آهي جو جڏهن به ڪن ٻن ملڪن ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ حڪومتي بدانتظامي جو طوفان اچي ٿو، تڏهن سرحدن تي بارود جا بادل ڇانئجي وڃن ٿا؟ نه جهيڙيندڙ ملڪن جي جهيڙن جو نبيرو ٿئي ٿو ۽ نه ئي عوام م خوشحالي اچي ٿي. آخر ماجرا ڇا آهي؟ اچو ته ان جي ڪجهه ڇنڊ ڇاڻ ڪريون.

تاريخي پسمنظر: جنگ، قومپرستي ۽ ڌارمڪ هٿيار

تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به حڪمران طبقا اقتدار ۾ ڊگهو عرصو رهڻ چاهين ٿا، تڏهن هو هڪ “دشمن” جي تخليق ڪن ٿا. پهرين جنگ عظيم جي اڳڪٿي ڪندڙ جرمن دانشور Rosa Luxemburg  چيو هو: “جنگ، اميرن لاءِ منافعو، حڪمرانن لاءِ طاقت ۽ عوام لاءِ قبرستان هوندي آهي”. ساڳي نموني جنگين ۾ به قومپرستي ۽ مذهبي جذبات کي اهڙيءَ ريت ڀڙڪايو ويندو آهي، جو جنگ تي سوال ڪرڻ وارن کي “غدار” جا لقب ڏنا ويندا آهن. جهيڙيندڙ ملڪن جي تاريخي ڪتابن ۾ اها ڳالھ واضح لکيل آهي ته ويڙهاند ڪندڙ ملڪن پاڻ کي هميشه مظلوم لکيو آهي ۽ دشمن کي حملي آور ۽ ظالم لکيو آهي. ائين ئي فلسطين ۽ اسرائيل، عراق ۽ ڪويت، يوڪرائين ۽ روس جهڙين جنگين ۾ به ٿيو آهي. جنگين ۾ هر ڪا ڌر پاڻ کي مظلوم ڪري پيش ڪندي آهي ته جيئن ان کي صحيح ثابت ڪري ۽ عوام جون همدرديون حاصل ڪري. اها به هڪ جنگي حڪمت عملي آهي.

اقتدار ۽ سرمايو: غربت جو فائدو وٺندڙ حڪمتِ عملي

اقتدار پرست طبقا غربت کي ڪڏهن به ختم ڪرڻ نه چاهيندا آهن، ڇاڪاڻ ته غريبن جي بيوسي سندن لاءِ سڀ کان وڏو هٿيار هوندي آهي. جيڪڏهن هڪ غريب پنهنجي ٻچن لاءِ روزگار، تعليم، صحت ۽ امن چاهي ٿو ته ان کي قومي، مذهبي ۽ نسلي غيرت جي نالي تي قربان ڪرڻ سولو هوندو آهي. هي بيوس طبقو ئي “مذهب بچايو”، “ملڪ بچايو” ۽ “سرحد تي وڃي سر ڏيو” جهڙن نعرن جو سڀ کان پهريون شڪار بڻبو آهي ۽ سرمائيدار طبقو غريب عوام جي بيوسي ۽ جنگ جي واپار مان لکن ۽ ڪروڙن جو منافعو ڪمائيندو آهي. ان کان علاوه هٿيار، دوائون، تعميراتي ٺيڪا ۽ عالمي قرضن جا نوان معاهدا ڪري وڌيڪ پيسو ڪمائي ٿو پر انهن سرمائيدارن جو اولاد ڪڏهن به مورچن تي وڙهي نه مرندو آهي. اتي مرڻ لاءِ صرف غريب ئي هوندا آهن.

ميڊيا ۽ خوف- هڪ نفسياتي هٿيار

اڄ جي دور ۾ جنگ صرف هٿيارن سان نه، پر ميڊيا ذريعي به وڙهي ويندي آهي، جتي عوام کي خبردار ڪندڙ ٽڪرز، جذباتي موسيقي، دشمن جي تصورن تي ٺهيل ڊراما ۽ 24 ڪلاڪ “Breaking News” هلندي آهي. اهي سڀ جنگي جنون کي عوام ۾ ڀڙڪائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندڙ اوزار آهن. سوشل ميڊيا تي جنگي حمايت جا نعرن سان ڀرپور ويڊيوز “دشمن کي سبق سيکارڻ” جا گيت ۽ دشمن ملڪ/قوم کي حقير ڏيکارڻ جو سلسلو شعوري طور تي شروع ڪيو ويندو آهي ته جيئن ماڻهو شعور بجاءِ جذبي سان ردعمل ڏيکارين ۽ حڪمران پنهنجي ناڪاميءَ تان ڌيان هٽائڻ واري پاليسي ۾ ڪامياب ٿي وڃن.

جنگ جي اصل قيمت ڀريندڙ ڪير آهن؟

سرحدن تي مرندڙ سپاهي ڪير آهن؟ اهي غريبن جي گهرن مان ايندڙ اهي جوان آهن، جن جي مائرن کي “شهيد جي ماءُ” جو لقب ته ملي ٿو، پر انهن جي زندگين مان ٻن ويلن جي ماني، گهر جو اڪيلو سهارو پٽ ۽ امن ختم ٿي وڃي ٿو. جنگين جي نتيجي ۾ جيڪي شهري مارجي وڃن ٿا، جيڪي گهر ڀڄي ڀور ٿي پون ٿا، جيڪي ٻار يتيم ٿين ٿا، سي سڀ غريب طبقي جا ئي هوندا آهن، جڏهن ته اميرن جا گهر به محفوظ، ٻار به محفوظ ۽ انهن جا ڪاروبار به محفوظ هوندا آهن. انهن لاءِ جنگ تماشو، سياست ۽ پئسي ڪمائڻ جو ذريعو آهي.

مزاحمت، سوال، ۽ شعور جي ضرورت

دنيا کي امن جي ضرورت آهي، ڪنهن جنگي جنون جي ناهي، امن لاءِ صرف نعري بازي نه هئڻ گهرجي، بلڪه شعوري سوال ڪرڻ گهرجن ۽ عوام کي اهي سوال ڪرڻا پوندا ته:

* تعليم، صحت، ۽ روزگار لاءِ بجيٽ ڇو گهٽ آهي ۽ هٿيارن لاءِ بجيٽ ڇو وڌيڪ آهي؟

* عوام کي “دشمن” جو خوف ڇو ڏياريو ويندو آهي؟ ان جي جاءِ تي مهانگائي، بدعنواني ۽ بيروزگاري جو ذڪر ڇو نٿو ڪيو وڃي؟

* ڇو حڪمرانن جي ناڪاميءَ جو حل جنگ سمجهيو وڃي ٿو؟ انهن جي بدعنواني جو احتساب ڇو نٿو ڪيو وڃي؟

* حقيقي جمهوريت ۽ پاڙيسري ملڪن سان باهمي ڪاروبار، امن ۽ دوستي وارا لاڳاپا ڇو نٿا رکيا وڃن؟

* پنهنجي عوام جي بهتر معيار زندگي لاءِ ڪوششون ڇو نٿيون ورتيون وڃن؟

جنگين مان فائدو رڳو حڪمران طبقن کي ملي ٿو ۽ نقصان صرف عوام جو ٿئي ٿو. ان ڪري جنگ جي بيانيي کي رد ڪرڻ گهرجي. ان جي جاءِ تي اسان کي امن، شعور، ۽ انساني همدردي جي نئين بيانيي ٺاهڻ جي سخت ضرورت آهي. جڏهن عوام باشعور ٿيندو ۽ پاڻ کي قربانيءَ جو ٻڪرو سمجهڻ بند ڪندو، تڏهن دنيا ۾ جنگ جا سوداگر پنهنجو ڪاروبار نه هلائي سگهندا. عوام کي اهو سمجهڻو پوندو ته: انساني جان سڀ کان قيمتي آهي ۽ هر جنگ ان کي قتل ڪري ٿي. ان ڪري انساني جانيون ۽ انسانيت بچائڻ گهرجي..!!