ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاران فسلطينين سان يڪجھتي لاءِ اڄ شاهراھ فيصل تي ريلي ڪڍي ويندي، جنهن ۾ مختلف سياسي جماعتن پاران شرڪت ڪئي ويندي، ان حوالي سان ڪالهه ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڪالهه شاھراھ فيصل تي ريلي واري ھنڌ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته فلسطين ۾ جاري اسرائيلي دھشتگردي خلاف ايم ڪيو ايم اڄ ريلي ڪڍي رھي آھي، جنهن ۾ سمورين سياسي جماعتن کي شرڪت لاءِ دعوتون ڏنيون ويون آھن دنيا کي اڄ پيغام ڏبو ته اسين فلسطينين سان ٿيندڙ ظلم خلاف آھيون، اسرائيلي جي ناجائز رياست کي قبول نٿا ڪريون، ھوڏانھن ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال نواز ليگ ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار پ پ اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري ريلي ۾ شرڪت لاء دعوتون ڏنيون ـ