دنيا کي فلسطين ۾ رت جي هولي بند ڪرائڻي پوندي، عيسائي برادري به ڪردار ادا ڪري: وزيراعظم

0
17
15 آءِ پي پيز سان نون معاهدن جي منظوري: سرڪاري ڪمپنين کي ڪئپسٽي پئمنٽ ڇو ؟ وزيراعظم
15 آءِ پي پيز سان نون معاهدن جي منظوري: سرڪاري ڪمپنين کي ڪئپسٽي پئمنٽ ڇو ؟ وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف مسيحي برادري کي ڪرسمس جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ، انهن جي ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي اسان جي اولين ترجيح آهي، اهي پاڪستان جا برابر جا شهري آهن، پاڪستان سڀني جو آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان کي هميشه کان عظيم بڻائڻو آهي. تحريڪ پاڪستان ۽ ان کان پوءِ مسيحي برادري تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ڪرسمس جي خصوصي تقريب کي خطاب وزيراعظم چيو ته حضرت عيسيٰ امن جو پيغام ڏيندڙ هئا، جن جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ واضح طور تي آهي ۽ هو اڄ به معصوم ٻارن، عورتن، بزرگن ۽ ماڻهن جي لاءِ خدا جا رسول آهن. هن چيو ته حضرت عيسيٰ جي جاءِ ولادت فلسطين ۾ هن خونريزي جي خاتمي لاءِ عيسائي برادري به پنهنجو ڪردار ادا ڪري، فلسطين ۾ جنگ بندي جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مسيحي برادري امن ۽ سڪون سان زندگي گذاري رهي آهي. تعليم ۽ صحت، حڪومتي ۽ قومي دفاع جي شعبن ۾ خدمتون، 1965ع ۽ 1971ع جي جنگ سميت پاڪستان لاءِ سندس ڪردار هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته تعصب کي ختم ڪرڻ، جذبت کي قابو ڪرڻ ۽ صبر ۽ برداشت سان ڪم ڪرڻ، اقليتن جي حقن جو خيال رکڻ سان گڏ انهن سان پيار ۽ شفقت سان سلوڪ ڪيو وڃي ته جيئن هو پاڻ کي پاڪستان جا لائق شهري سمجهن. ان موقعي تي ڪرسمس وزيراعظم شرڪت ڪندڙن سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، بشپ ڊاڪٽر جوزف اشرف پڻ خطاب ڪيو.