نئين دهلي(م ڊ) ڀارت ۾ دنيا جي 20 امير ملڪن جي اجلاس ۾ يوڪرين جي جنگ جي معاملي تي اتفاق نه ٿي سگهيو، سعودي عرب ڀارت کان وچ اوڀر ۽ يورپ تائين اقتصادي راهداري ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. جي 20 سربراهه اجلاس ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي صدارت ۾ ٿيو. آمريڪي صدر جو بائيڊن، برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان شرڪت ڪئي. روس جي صدر ۽ يوڪرين جي صدر پاڻ شرڪت نه ڪئي پر نمائندن کي اماڻيو. سعودي عرب جي ميڊيا موجب دهلي ۾ ٿيل جي 20 اجلاس ۾ سعودي عرب جي ولي عهد ڀارت کان وچ اوڀر ۽ يورپ کي ملائڻ لاءِ اقتصادي راهداري ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان باري ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيح به ڪئي وئي. يوڪرين جي جنگ جي معاملي تي ڪو به فيصلو نه ٿي سگهيو. ڀارتي وزيراعظم دعويٰ ڪئي ته گڏيل پڌرائي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. هوڏانهن روس آمريڪا کي ملوث قرار ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا دنيا تي قابض ٿيڻ چاهي ٿو پر ان جا خواب پورا ٿيڻ نه ڏينداسين