لنڊن(شوبز نيوز) شوبز جي دنيا کي الوداع چوندڙ رابي پيرزاده نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي تي تنقيد ڪئي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي رابي پيرزادا غزا ۾ اسرائيلي جارحيت تي ملاله يوسفزئي سامهون سوال اٿاريا.
رابي پيرزاده هڪ ڏکوئيندڙ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ اسرائيلي فوج جي بلڊوزر کي هڪ معصوم فلسطيني شهري تي چڙهندي ڏسي سگهجي ٿو.
رابي پيرزاده وڊيو شيئر ڪندي سوال ڪيو ته ”ڇا دنيا ۾ ڪو انسان آهي، جيڪو انهن اسرائيلي حيوانن کي روڪي؟“
پوسٽ ۾ رابي گڏيل قومن کي مخاطب ٿيندي پڇيو ته ”اهو سڀ ڇا آهي؟ اسان اهو ظلم ڪيئن ٿيڻ ڏئي رهيا آهيون؟“
هن نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇيو ته ”توهان اسرائيل خلاف سنجيده احتجاج ڇو نه پيا ڪيو؟ ڇو چُپ آهيو؟ نيٺ هن بي حس دنيا سان مسئلو ڪهڙو آهي؟“