ڪراچي(انٽريسٽنگ نيوز) دنيا جي سڀ کان ڊگهي اسٽرابيري پيسٽري ڪيڪ عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب فرانس جي پيسٽري شيفس دنيا جو سڀ کان ڊگهو پيسٽري ڪيڪ ٺاهيو. اهو ڪيڪ ٻه ٽي ڏينهن اڳ ٺاهيو ويو هو. جيڪو ارجنٽيوئل ۾ پيسٽري بورچين ٺاهيو جيڪو 121.8 ميٽر ڊگهو آهي. ڪيڪ ٺاهڻ ۾ 4 هزار بيضا، 350 ڪلوگرام اسٽرابيري، 150 ڪلو کنڊ، 415 ڪلو ڪريم استعمال ڪئي وئي. ڪيڪ جي اوچائي 8 سينٽي ميٽر ۽ ويڪر به 8 سينٽي ميٽر هئي. ڪيڪ جي تياري ۾ 20 ماهر بورچين حصو ورتو. هڪ هفتي جي محنت لڳي.