چين جو نئون سال، جنھن کي عام طور تي چيني قمري نئون سال يا بھار جو جشن Spring Festival چيو ويندو آھي دنيا ۾ سڀ کان وڏي ثقافتي تقريبن مان ھڪ آھي ھي ھر سال قمري ڪئلينڊر جي بنياد تي مختلف تاريخن تي ملھايو ويندو آھي عام طور تي جنوري جي آخر کان فيبروريءَ جي وچ تائين ٿيندو آھي

2025 ۾ چيني نئين سال جي تاريخ

29 جنوري 2025 کان شروع ٿيندو ۽ تقريبون 12 فيبروريءَ 2025 تائين جاري رھنديون جنھن ڏينھن لالٽين جو ميلو Lantern Festival ملھايو ويندو

چيني نئين سال جون آھن روايتون ۽ تقريبون

گھر صاف ڪرڻ ۽ سينگارڻ

نئين سال کان اڳ ماڻھون پنھنجا گھر صاف ڪندو آھن ته جئين پراڻي سال جي بدقسمتيءَ ختم ٿي وڃي ۽ نئين سال ۾ خوشحالي اچي گھرن کي ڳاڙھن رنگين لالٽين چيني ڪئلينڊر ۽ خوشبختي جا نعرا لڳائي سينگاريو ويندو آھي

گھر وڃڻ جو رجحان

ھن موقعي تي ڪروڙين ماڻھون پنھنجن گھرن ڏانھن واپسي ڪندا آھن ھن دور کي دنيا جو سڀ کان وڏو انساني لڏپلاڻ بہ چيو ويندو آھي جتي ريلوي اسٽيشنون ھوائي اڏو بس اڏا مڪمل طور ڀريل ھوندا آھن

کائڻ پيئڻ جا خاص موقعا

چيني نئين سال ۾ خاص کاڌا تيار ڪندا آھن جھڙوڪ

ڊمپلنگ Dumplings خوشحالي جي علامت، سارنگ رولز دولت جي علامت، چانورن جو ڪيڪ Main Gao ترقي ۽ خوشي جي علامت، مڇي جيڪا دولت خوشحالي جي علامت

ڳاڙھا اينولپ (ڳاڙھا لفافا)   Red Envelope

ٻارن ۽ نوجوانن کي ڳاڙھا لفافا 🧧 Hongbao ڏنا ويندا آھن جن ۾ پئسا ھوندا آھن انھن کي خوش نصيبه ۽ خوشحال جي علامت عطر ڏنو ويندو آھي

ڊريگن ڊانس ۽ فائر ورڪ

ڊريگن ڊانس شعر ڊانس ۽ آتشبازي جا شاندار مظاھرا ٿيندا آھن جيڪي بدروحن کي پري رکڻ ۽ خوشين کي آڻڻ لاء ڪيا ويندا آھن

لالٽين جو ميلو La tern festival

تقريبن جو آخري ڏينھن لالٽين فيسٽول سان ملھايو ويندو آھي جتي ماڻھون رنگين لالٽين کي آسمان ۾ سڏائيندا آھن ۽ روشنين سان جشن ڪندا آھن

چين ۾ ھن موقعي تي عام طور تي 15 ڏينھن موڪل ھوندي آھي ماڻھون پنھنجي خاندان سان وقت گذاريندا آھن ۽ گڏجاڻين ۾ شامل ٿيندا آھن