ويلنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) نيوزيلينڊ جي ڏورانهن علائقي ۾ واقع “ريپبلڪ آف واهنگا” ۾ ڀليڪار، جنهن جو پنهنجو پاسپورٽ ۽ سرحدون ۽ پنهنجون ريتون رسمون آهن، جنهن سبب ماضيءَ ۾ به هڪ ڪتو ۽ ٻڪري چونڊون کٽي صدر بڻجي چڪا آهن. هتي نه انٽرنيٽ آهي ۽ نه موبائيل نيٽ ورڪ، ان ڪري 150 هاري خاندان قدرتي ماحول ۾ رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا، اهي جديد سهولتون نه ٿا اختيار ڪن. علامتي جمهوريه جو بنياد 1989 ۾ رکيو ويو، جڏهن ته ڪامورا شاهي علائقي کي ٻئي تعلقي ۾ شامل ڪرڻ پئي چاهيو. اهڙي طرح پاڻ مٿان ٿاپيل انتظامي نظام جو مذاق بڻايو ۽ عملدارن کي به ڪاوڙائي ڇڏيو، اڄ سڄي دنيا مان سياح هن جمهوريه کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا ۽ 5 ڊالرن جي پاپ اپ ٽڪيٽ خريد ڪري قدرتي ماحول مان لطف اندوز ٿين ٿا.