دنيا جي ملڪن کي معاشي غلام بڻائڻ واري آمريڪي پاليسي

0
32
دنيا جي ملڪن کي معاشي غلام بڻائڻ واري آمريڪي پاليسي

  آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ يوڪريني صدر  زيلنسڪي جي 28 فيبروري تي وائٽ هائوس ۾ ٿيل پريس ڪانفرنس هن وقت عالمي خبرن جو مرڪز بنيل آهي. هي ڪانفرنس دراصل ٻنهي ملڪن ۾ هڪ معاهدي لاءِ سڏائي وئي هئي پر آمريڪي نائب صدر ۽ زيلنسڪي جي وچ ۾ ٿيل لفظن جي ڏي وٺ کانپوءِ ٽرمپ جي ان گفتگو ۾ ٽپي پوڻ بعد معاملو ڪافي التوا جو شڪار ٿي ويو. اها ڊيل يا معاهدو دراصل آمريڪا يوڪرين ۾ موجود دنيا جي Rare Earth Material   کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪري پيو. دوران گفتگو آمريڪي صدر ٽرمپ بار بار اهو چوندو رهيو ته اسان وٽ مزدور آهن، جيڪي يوڪرين جي قيمتي معدنيات کي کوٽي ڪڍندا. هن ڪانفرنس کان اڳ به صدر ٽرمپ يوڪريني صدر زيلنسڪي کي اهو چئي چڪو  هو ته اسان کي يوڪرين جي معدنيات گهرجي ٿي پر زيلنسڪي وراڻيو ته مان پنهنجي ملڪ کي کپائي نٿو سگهان. ٽرمپ ۽ يوڪريني صدر وچ ۾ ٿيل تلخ ڪلامي عالمي ماهرن وچ ۾ نئين بحث کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪن جو خيال آهي ته هاڻي عالمي سياست ۾ اهو وقت اچي چڪو آهي ته هاڻ نوان اتحاد ٺهندا ۽ پراڻا اتحاد ڊهندا.

زيلنسڪي سان وائيٽ هائوس ۾ ٿيل جٺ کانپوءِ برطانيا سميت ڪيترن ئي يورپي ملڪن جي سربراهن زيلنسڪي جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. دراصل ٽرمپ جي ان رويي جو هڪ ٻيو به سبب آهي. اهو هي ته ٽرمپ بار بار اهو چئي رهيو آهي ته يوڪرين روس سان ٺاهه ڪري. ٽرمپ يوڪرين جنگ بند ڪرائڻ کي پنهنجي اليڪشن مهم ۾ وڏي نعري طور اڀاريو هو. ان کان اڳ به ٽرمپ پنهنجي ڪيترن ئي انٽرويوز ۾ اهو چئي چڪو آهي ته اسان جي مخالفن روس کي ناراض ڪري روس کي چين جي ويجهو ڪري ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٽرمپ هن دفعي صدارتي عهدو سنڀالڻ شرط دنيا جي جنهن اڳواڻ سان سڀ کان وڌيڪ رابطي ۾ رهيو آهي ته اهو پيوٽن آهي. ٽرمپ جو خيال آهي ته يوڪرين جنگ بند ڪرائي روس سان ويجهو ٿي روس کي چين کان الڳ ڪجي. روس ۽ چين برڪس ۽ ٻين اتحادن وسيلي جنهن تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن، اهو آمريڪا لاءِ ڪو سٺو سنئوڻ ناهي. ان ڪري ئي ٽرمپ زيلنسڪي کي داٻا ڏئي ان کي ڊيڄاري ڪهڙي به حالت ۾ جنگ بند ڪرائڻ چاهي ٿو. يوڪرين جنگبندي ٿئي ٿي، روس چين کان ڪيترو الڳ ٿئي ٿو، روس ۽ آمريڪا ڪيترو ويجهو ٿين ٿا اهو ته وقت ٻڌائيندو پر هن وقت ٽرمپ ۽ زيلنسڪي واري ڊرامائي معاملي عالمي سياست ۾ ڪجهه نئين ڳالهين کي جنم ڏنو آهي. هن صورتحال کانپوءِ ڪن تجزيي نگارن جو خيال آهي ته دراصل آمريڪا زيلنسڪي کي هٽائي يوڪرين ۾ پنهنجو ٻيو ماڻهو (حڪمران) آڻڻ چاهي ٿو. حالانڪه زيلنسڪي به سندن ئي ماڻهو آهي پر هن جي مٿي تي جنگ جو ڀوت سوار آهي، ان ڪري آمريڪي چاهين ٿا ته ڪو اهڙو ماڻهو آڻجي، جيڪو جنگ بدران امن ڏانهن قدم وڌائي. ان کان علاوه جيڪو اصل معاملو آهي، جنهن تي معاهدو به ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اهو هي ته آمريڪا جي اصل اک يوڪرين جي قيمتي معدنيات تي آهي. جنهن معدنيات وسيلي آمريڪا جديد ٽيڪنالاجي ۾ چين کان اڳتي نڪري سگهي.

آمريڪا جي هن وقت پرڏيهي پاليسي جو وڏو ڌيان چين کان اڳتي نڪرڻ آهي. ان ڪري ئي هو سڀ اهڙا ڪم ڪري ٿو، جنهن سان چين ڪمزور ٿئي ۽ آمريڪا جي پوزيشن وڌيڪ مستحڪم ٿئي. بهرحال آمريڪا چاهي ٿو ته هو يوڪرين جي انهن قيمتي معدنيات تائين رسائي حاصل ڪري ۽ انهن وسيلي اي آئي جي ميدان ۽ ٻين جديد اوزارن ٺاهڻ جي هڪ باقاعده فيڪٽري بنجي وڃي. ان ڪري ئي ٽرمپ زيلنسڪي کي پاڻ گهرايو ته جيئن اها ڊيل ٿي وڃي پر ان کان اڳ جو ڪو معاهدو ٿئي، دنيا کي وائيٽ هائوس مان اهو ڊرامو ڏسڻو پيو. سو اصل مسئلو يوڪرين جي معدنيات آهي. اسان وٽ به ڪن کي شايد ياد هوندو يا نه، آمريڪا جنرل ايوب جي دور ۾ هوائي اڏا خريد ڪيا، ان کانپوءِ به اهو ڌنڌو هلندو رهيو. آمريڪا ٽين دنيا جي ملڪن کي پنهنجي ڪالوني سمجهي ٿو. سمجهڻ ڇا پر هو ڪالوني ڪري هلائي ٿو. ٻين عالمي جنگ کانپوءِ جيئن برطانوي سامراج جو سج لٿو، تيئن آمريڪي شهنشاهت جي نئين دور جي شروعات ٿي، جنهن وسيلي آمريڪا دنيا کي نون هٿڪنڊن وسيلي پنهنجي قبضي ۾ آندو. آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ، اقوام متحده وغيره وغيره، اهي سڀ آمريڪا جا ئي پاليل ۽ تاتيل ادارا آهن. اهي اڄ به آمريڪا جي اشاري تحت ئي هلن ٿا. آءِ ايم ايف وسيلي آمريڪا پاڪستان کي به پنهنجي ڄار ۾ ڦاسايو ويٺو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آزاد نه رهي سگهي آهي. اڄ به اسان پنهنجي آقا جي اشاري جا محتاج آهيون ۽ ان ڏانهن ئي نهاريون ٿا. تازو ئي يوڪرين کان معدنيات کسڻ واري آمريڪي عمل تي برطانيا جي هڪ اخبار ٽيليگراف لکيو آهي ته اها آمريڪا جي معاشي ڪالونيلزم آهي. آمريڪا دنيا کي پنهنجي معاشي غلامي هيٺ آڻڻ چاهي ٿو ۽ يوڪرين ان جو هڪ مثال آهي. يوڪرين کي پهرين روس سان ويڙهه لاءِ تيار به آمريڪا ڪيو. يوڪرين کي هٿيار ڏنا. ان کي ويڙهايو ۽ هاڻ زيلنسڪي کي بي عزتو ڪري ويٺو. ان ڪري ٽين دنيا جي حڪمرانن کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته آمريڪا ڪنهن جو به سڄڻ ناهي. آمريڪا کي صرف سرمائيدارن ۽ ڪارپوريشن ڪمپنين جا مفاد عزيز آهن.