ڪينبرا (انٽريسٽنگ نيوز) هڪ آسٽريلوي ريسٽورانٽ فيسٽيول جي شرڪت ڪندڙن کي کارائڻ لاءِ 549.75 ڪلوگرام وزني ڪباب ۽ فرينچ فرائز بڻائي گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ورتو، آسٽريلوي رياست نيو سائوٿ ويلز جي علائقي ڪيمبل ٽائون ۾ قائم ڪنگ ڪباب هائوس علائقي جي اسٽريٽ فيسٽيول ۾ 299.3 ڪلو بنا ترين فرائز ۽ 589.6 ڪلو ڪچي چڪن ۽ بيف سان شروعات ڪئي، کاڌو پچڻ بعد ريسٽورانٽ 299.6 ڪلو وزني ڪباب ۽ 250.3 ڪلو وزني فرينچ فرائز کي شرڪت ڪندڙن ۾ ورهايو، جنهن لاءِ انهن کي موقعي تي هڪ ئي وقت لڳايل ڪيترين ميزن تي سجايو ويو، جنهن جي ڪل ڊيگهه 300 فٽ کان وڌيڪ هئي، ان کاڌي دنيا جي سڀ کان وڏي ڊونر ڪباب گوشت ۽ چپس جي سرونگ جو گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو، ڪنگ ڪباب هائوس جي مالڪ ۽ آپريٽر ميولانا سفسي گنيز ورلڊ رڪارڊز سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيمبل ٽائون ڪميونٽي گذريل سالن ۾ سندس ڪاروبار کي تمام گهڻو سهارو ڏنو آهي ۽ علائقي جا ٿورا مڃڻ ۽ ڪجهه واپس ڏيڻ جو بهترين طريقو هيو.