ڪراچي (انٽرسٽنگ نيوز) ٻن دوستن گڏجي دنيا جي سڀ کان وڏي سائيڪل ٺاهي ورتي جنهن تي ويهي ڪري باقائده سواري به ڪري سگهجي ٿي، ميڊيا رپورٽس موجب فرانس سان تعلق رکندڙ ٻن دوستن نڪولس بيريوز ۽ ڊيوڊ پيرو دنيا جي وڏي ۾ وڏي سائيڪل جنهن تي سواري ڪري سگهجي ٿي اها ٺاهي گنيز ورلڊ رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو، نڪولس بيريوز ۽ ڊيوڊ پيرو ورلڊ رڪارڊز کي ڏنل انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هنن دنيا جي سڀ کان وڏي سائيڪل تيار ڪرڻ ۾ تقريبن ۾ 5 سال جو عرصو لڳو، سائيڪل جي اوچائي 25 فٽ ۽ 5 انچ آهي، نڪولس ۽ ڊيوڊ وڌيڪ ٻڌايو ته اهڙي قسم جي سائيڪل ٺاهڻ جو خيال هڪ ڏينهن ريسٽورنٽ ۾ ويٺي آيو، جلد ئي ان جي ڊزائننگ ۽ سامان گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، سائيڪل ٺاهڻ ۾ تقريبن 2 سال لڳا، سائيڪل کي باضابطه طور تي دنيا جي سڀ کان وڏي سائيڪل جي طور تي سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو.