ٽنڊوڄام(ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انفارميشن ٽيڪنالوجي سينٽر جي ميزباني ھيٺ ۽ انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽرڪس اينڊ اليڪٽرانڪس انجنيئرز (آئي ٽرپل اي) جي سھڪار سان ٻن ڏھاڙن واري “ڊيٽا تي ٻڌل سماجي تبديلي” بابت عالمي ڪانفرنس 2025ع جي افتتاحي تقريب ٿي. ان موقعي تي ماهرن چيو ته دنيا ۾ سمارٽ سٽي جڙي رھيا آھن، زراعت ۾ سڌريل ملڪ روبوٽنگ طرف منتقل ٿي رھيا آھن، اسان اڃان تائين پرسيشن ايگريڪلچر تائين به درست رسائي نه ڪري سگھيا آھيون،سنڌ ۾ ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو سوشل ميڊيا استعمال ڪن ٿا، اسان کي اھا خبر ناھي ته اسان جون موبائيل يا ڊوائيس محفوظ آھن يا نه، ان ڪري صوبي ۾ ڊجيٽل لٽريسي تي ڪم ڪرڻو پوندو. سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته ڊيٽا کي هڪ طاقتور اوزار طور استعمال ڪري، پنھنجي ماھرن کي بااختيار بڻائي، پائيدار وسيلن ذريعي ملڪي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ھن چيو ته اسان زراعت ۾ ٽيڪنالوجي جي استعمال ۾ اڄ به سڌريل دنيا کان ٻه قدم پوئتي آھيون، ان ڪري زراعت ۾ ڊيٽا سان سلھاڙيل رپورٽنگ ايپليڪشن لاڳو ڪرڻ ۽ پرسيشن زراعت تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي، ملائيشيا جي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر اسد الله شاھه چيو ته دنيا آرٽيفيشل انٽيليجنس پريڊيڪٽو اي آئي ۽ پريسڪرپٽو اي آئي، ذريعي صنعتن کي تبديل ڪري رهي آهي ۽ ان سان موسم جي اڳڪٿي، بيمارين جي سڃاڻپ، ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ جي تجزيي ۾ انقلاب برپا ڪري رھيو آھي، سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ياسر عرفات ملڪاڻي چيو ته دنيا ۾ سمارٽ سٽيز جي تصور کي ھٿي ڏني پئي وڃي، جتي گاڏيون، ٽرين، اسپتالون، مارڪيٽنگ، زراعت توڙي آپاشي جو نظام سمارٽ ٿي رھيو آھي، ان جي باوجود طاقتور ڪوانٽم ڪمپيوٽر حساس ڊيٽا کي غير محفوظ بڻائي سگهن ٿا. ٽيلر يونيورسٽي مليشيا جي پروفيسر ڊاڪٽر نور زمان جنجھي چيو ته سائبر سيڪيورٽي جي ڪري اسان جا ادارا، مالي ادارا ۽ ٻيون تنظيمون رسڪ تي آھن، اسان کي اھا خبر ناھي ته اسان جو موبائيل ۽ ڊوائيسز غير محفوظ آھن، پوري دنيا اھڙن خدشن توڙي ھيڪرس جي حملن جو شڪار آھي. اسلام آباد کان آيل ڊاڪٽر ثاقب علي پنھنجي جوڙيل ڪسان 360 ايپ بابت آگھي ڏني، ڪانفرنس ۾ ايران جي شاھد يونيورسٽي جي پريزيڊنٽ جي صلاحڪار پروفيسر ڊاڪٽر محمد حسين نوحي خان، ايراني پروفيسر ايمان زماني، ڊائريڪٽر آئي ٽي سي ڊاڪٽر مير سجاد علي ٽالپر، ڊاڪٽر محمد يعقوب ڪونڌر ۽ ٻين خطاب ڪيو.تقريب ۾ انجنئير منصور رضوي، مختلف فيڪلٽين جا ڊين، پروفيسر، ماھر ۽ شاگردن جو وڏو انگ موجود ھو، جڏھن ته ٽيڪنيڪل سيشن ۾ چين، ايران، مليشيا ۽ ٻين جي ماھرن سڌو سنئون ۽ آن لائن شرڪت ڪئي.