ممبئي (شوبز نيوز) والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سياحتي ماڳ پهلگام ۾ سياحن تي حملي تي بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ۽ دبنگ اداڪار سلمان خان به افسوس جو اظهار ڪيو. سلمان خان ايڪس تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان تعزيت ڪندي انهن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن لکيو ته ڪمشير دنيا جو خوبصورت ترين هنڌ آهي، جنهن کي جهنم بڻايو ويو، هڪ انسان جو قتل سڄي انسانيت جو قتل آهي، معصوم ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو، متاثرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.اهڙي ريت شاهه رخ خان به واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. انسٽاگرام اسٽوري ۾ هن لکيو ته تڪليف کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو آهي، نشانو بڻجندڙن ۽ سندن گهر ڀاتين لاءِ دعا ئي ڪري سگهجي ٿي، اميد آهي ته ان واقعي کانپوءِ اسان قوم طور متحد ٿي مقابلو ڪنداسين.