ويانا (انٽريسٽنگ نيوز) دنيا جو پهريون ۽ امڪاني طور تي واحد آرڪيسٽرا جنهن ۾ سبزين سان موسيقي وڄائي ويندي آهي، 27 سالن ۾ 344 ڪنسرٽس ڪرڻ بعد گنيز ورلڊ رڪارڊ جو اعزاز حاصل ڪري چڪو آهي، آسٽريا ۾ 1999ع ۾ 11 ماڻهن تي ٻڌل ويجيٽيبل آرڪيسٽرا جوڙيو ويو هو، جڏهن مختلف پس منظر جي موسيقارن سبزين کي موسيقي جي اوزارن ۾ تبديل ڪري پرفارم ڪرڻ شروع ڪيو، آرڪيسٽرا جي باني ميمبر ميٿياس مين هارٽر بي بي سي کي ٻڌايو ته اهو سڀ هڪ مذاق طور شروع ٿيو، جڏهن 4 باني ميمبرن کي ويانا ۾ پرفارمنس آرٽ فيسٽيول لاءِ سائن اپ ڪيو ويو، ميٿياس چيو ته اسان سوچي رهيا هئاسين ته اسان ڇا نئون ڪري سگهون ٿا، پوءِ اسان سوچيو ته موسيقي وڄائڻ ۾ سڀ کان مشڪل ڪم ڪهڙو آهي؟ اسان ان وقت گڏ سوپ بڻائي رهيا هئاسين ۽ انهيءَ وقت سبزين کي ڏسي هڪ خيال آيو، جيڪو مختلف آئيڊياز ۾ تبديل ٿي ويو ۽ اسان سبزين کي موسيقي جي اوزارن طور کڻي آياسين.