سائوٿ پورٽ (انٽريسٽنگ نيوز) دنيا جي سڀ کان وڏي عمر واري شخص جو اعزاز حاصل ڪندڙ جان تينس ووڊ 112 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، گنيز ورلڊ رڪارڊز موجب جان 25 نومبر تي انگلينڊ جي سائوٿ پورٽ ۾ واقع هڪ ڪيئر هوم ۾ وفات ڪري ويو، جان جي خاندان به سندس وفات جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته سندس زندگي جا آخري ڏينهن خوشگوار انداز ۾ گذريا، گنيز ورلڊ رڪارڊز موجب جان 26 آگسٽ 1912ع تي انگلينڊ جي شهر ليور پول ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي ئي وڏو ٿيو، هن 1942ع ۾ شادي ڪئي، بعد ۾ سندس زال 1986ع ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي، ٻڌايو پيو وڃي ته جان کي پنهنجي 100 کان 110 سالن جي عمر جي دوران هر سال برطانيه جي ملڪه الزبٿ ٻه طرفان سالگرهه جو ڪارڊ ملندو هيو، جيڪا کانئس تقريبن 14 سال ننڍي هئي، اپريل 2024ع ۾ وينزويلا جي 114 سالن جي جوآن ويسنٽ پيريز مورا جي وفات بعد جان دنيا جي سڀ کان وڏي عمر واري شخص جو اعزاز حاصل ڪيو هيو، گنيز ورلڊ رڪارڊز جي عملدارن جان جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.