دنيا ۾ هڪ اهڙو ڳوٺ موجود آهي، جنهن جي هر گهر اڳيان هوائي جهاز بيٺل هوندو آهي ۽ رهواسي پنهنجو ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ هوائي جهاز استعمال ڪندا آهن. اهو ڳوٺ “سپرمرين ايئر پارڪ” (Spruce Creek Airpark) نالي آمريڪا جي فلوريڊا رياست ۾ موجود آهي.

سپرمرين ايئر پارڪ هڪ ايئر پارڪ آهي، جيڪو خاص طور تي هوابازي جي شوقين ماڻهن لاءِ ٺهيل آهي.هر گهر سان گڏ هڪ هوائي جهاز جو گيراج آهي. هن ڳوٺ ۾ رهڻ وارا ماڻهو پنهنجا ذاتي هوائي جهاز رکن ٿا.هو روزمره جا ڪم، ڀاڄي سميت گھر جي ننڍن وڏن ڪمن  سفر يا تفريح لاءِ جهازن جو استعمال ڪندا آهن. ڳوٺ ۾ هڪ وڏو هوائي رن وي آهي، جتان رهواسي پنهنجي جهازن کي اڏائين ٿا ۽ مختلف شهرن ڏانهن ويندا آهن.اهو ڳوٺ خاص طور تي امير ماڻهن ۽ هوابازي جي شوقين لاءِ مشهور آهي. اتي جا ماڻهو پنهنجي زندگي جو هر ڏينهن هوائي سفر سان گذارين ٿا. اهڙا ايئر پارڪ دنيا ۾ گهڻا گهٽ آهن ۽ سپرمرين ايئر پارڪ انهن مان سڀ کان مشهور آهي. اهو هوابازي جي شوقين ماڻهن جي لاءِ هڪ خواب جهڙو هنڌ آهي…. (فيس بوڪ تان ورتل)