لگزمبرگ سٽي (انٽريسٽنگ نيوز) سڄي دنيا ۾ اوهان کي ڪنهن هڪ کان ٻي جڳهه وڃڻو هجي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪندا آهيو ته خرچ ڪرڻو پوندو آهي، پر ڇا توهان کي خبر آهي ته دنيا ۾ هڪ اهڙو ملڪ آهي، جتي توهان کي بس ۽ ٽرام کان وٺي ٽرين تائين هر هنڌ سفر ڪرڻ لاءِ هڪ رپيو به خرچ ڪرڻ جي ضرورت ناهي؟ ها بيشڪ اهو دنيا جو پهريون ملڪ هو، جنهن هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سفر کي مفت ڪيو ويو. هي آهي يورپي ملڪ لگزمبرگ جتي 2020ع ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا ختم ڪيا ويا. هونئن اهو ڄاڻي وٺو ته في ماڻهو آمدني جي لحاظ کان، لگزمبرگ دنيا جو امير ترين ملڪ سمجهيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح اهو دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو، جنهن مفت پبلڪ ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي (هو ٻئي يورپي ملڪ مالٽا ۾ آڪٽوبر 2022ع ۾ ايئن ڪيو ويو)، هاڻ مفت پبلڪ ٽرانسپورٽ پروگرام کي 4 سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي ۽ شهري ان کي ساراهي رهيا آهن. هونئن مقامي رهاڪن سان گڏو گڏ غير ملڪي سياحن کي به عوامي ٽرانسپورٽ استعمال ڪندي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ بابت پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.