اوسلو (انٽريسٽنگ نيوز) عام طور تي ڪنهن ڏوهه جي سخت ترين سزا موت جي سزا هوندي آهي، پر جڏهن موت کي ئي ڏوهه قرار ڏنو وڃي ته ڇا ڪجي؟ اسين سمجهي سگهون ٿا ته ان ڳالهه تي يقين ڪرڻ اوهان لاءِ مشڪل هوندو ، پر دنيا جي سڀني کان اترين ڪُنڊ ۾ موجب ڳوٺ ۾ اهڙو قانون موجود آهي. اوهان بلڪل صحيح پڙهيو، ناروي جي ڳوٺ لانگايربين ۾ ماڻهن لاءِ مرڻ کي غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي. هن ڳوٺ ۾ اٽڪل 2 هزار ماڻهو آباد آهن ۽ هتي قبرستان پڻ موجود آهي، پر اِهو ڏهاڪن کان استعمال ناهي ڪيو ويو. ته پوءِ اهڙو قانون لاڳو ڪرڻ جو سبب ڇا آهي؟ يقينن اوهان سبب ڄاڻڻ کانپوءِ دنگ رهجي ويندا. سال 1950ع ۾ اهو انڪشاف ٿيو هو ته هتان جي قبرستان ۾ دفن ٿيل لاش ڊي ڪمپوز نٿا ٿين. هن علائقي جي موسم انتهائي سرد هوندي آهي ۽ عام طور تي برف ڄميل رهندي آهي جنهن جي ڪري هتي دفن ٿيل لاشن ۾ ڪنهن به قسم تبديلي ناهي ايندي، جنهن سبب موتمار جيوڙن جي پکڙجڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو. جيوڙن جي پکڙجڻ کان بچڻ لاءِ هتي 1950ع ڌاري ماڻهن جي مرڻ تي پابندي مڙهي وئي هئي. مقامي ماڻهن موجب، ڪڏهن ڪڏهن هتي ماڻهو اوچتو لاڏاڻو ڪري ويندا آهن پر عام طور تي جڏهن ڪو ماڻهو تمام گهڻو پيرسن ۽ پنهنجو خيال رکڻ جي قابل نٿو رهي ته پوءِ ان کي ٻيٽ ۾ رهڻ جي اجازت ناهي ڏني ويندي. اهڙي نموني مقامي حڪومت اتان جي رهواسين جي عمرن جو باظابطا حساب رکندي آهي. عام طور تي جڏهن ماڻهو 70 ورهين جا ٿي ويندا آهن ته ٻيٽ ڇڏي ويندا آهن، هن ڳوٺ ۾ هڪ ٻيو دلچسپ قانون پڻ آهي ۽ اِهو هي ته هر ماڻهو لاءِ پاڻ وٽ هڪ هٿيار رکڻ ضروري آهي.