دنيا جا ٽي سامونڊي لنگهه عالمي معيشت کي ڪئين لوڏيندا؟

0
67
دنيا جا ٽي سامونڊي لنگهه عالمي معيشت کي ڪئين لوڏيندا؟

دنيا جي سامونڊي واپار ۾ ٽي لنگهه، يعني آبناءِ هرمز، ملاڪا سامونڊي لنگهه ۽ سوئيز کان ڳاڙهي سمنڊ تائين جو رستو، انتهائي حساس ۽ اسٽريٽجڪ طور اهم بڻجي ويا آهن. هاڻي جڏهن ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ شروع ٿي وئي آهي ۽ ايران جي آبناءِ هرمز بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي ۽ ايران جي طرف کان موجوده هرمز بند ٿيو ته، دنيا جي معيشت لڏي ويندي. اڄ به جيڪڏهن ايران آبناءِ هرمز کي بند ڪري ڇڏي، ته دنيا جي تيل جون قيمتون رات وچ ۾ ئي آسمان تي پهچي وينديون. پر ڇا توهان کي خبر آهي ته هي اهم سامونڊي لنگهه صرف هرمز تائين محدود ناهن؟ ملاڪا جي تنگ گذرگاهه جي طرف چين جا فوجي اڏا، سوئيز ڪينال تي حوثين جا اڃا وڌيڪ خطرناڪ حملا. اڄ جي دنيا ۾ جنگ نه صرف زميني ۽ ھوائي رستن تي، پر سامونڊي رستن تي قبضي لاءِ به ٿي رهي آهي. آبناءِ هرمز خليج فارس ۽ عمان واري سمنڊ کي پاڻ ملائي اتان 20 سيڪڙو تيل پوري دنيا ۾ سپلاءِ ٿيندو آهي. سعودي عرب، ڪويت، ايران، عراق ۽ ٻين عرب ملڪن سميت پوري دنيا ان لنگهه تان ٻيو ڪاروبار به ڪندي آهي، ان ڪري دنيا جا ھي ٽي اھم سامونڊي لنگهه دنيا جي معيشت کي ڪيئن لوڏي سگهن ٿا! اچو ته ڏسون ڪيئن هرمز، ملاڪا ۽ سوئيز جا لنگهه اڄ به دنيا جي وڏين طاقتن جي ڇڪتاڻ جو مرڪز بڻيل آهن ۽ خاص طرح پاڪستان جھڙا غريب ملڪ جيڪي وچ اوڀر مان ايندڙ تيل ۽ قرضن تي دارومدار رکن ٿا، اُھي نار واري رستي تي بندش سان وڏي معاشي بحران جو شڪار ٿي ويندا.

ملاڪا سامونڊي گذرگاهه – ايشيا جي واپاري ساهه جي نڙي

ملاڪا آبي گذرگاهه، جيڪو ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ سنگاپور جي وچ ۾ آهي، چين، جاپان، ڏکڻ ڪوريا، ۽ ٻين صنعتي ملڪن لاءِ توانائي ۽ واپار جو مک رستو آهي. هتان گذرندڙ سامونڊي ٽرئفڪ دنيا جي واپار جو لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو آهي. چين جي لاءِ هيءَ لنگهه “اسٽريٽجڪ واڌ” جو بنيادي مرڪز آهي. چين، ملاڪا جي “خطرناڪ انحصار” کان بچڻ لاءِ گوادر، ميانمار، ۽ بنگلاديش سان زميني ۽ متبادل بحري لنگهن تي ڪم ڪري رهيو آهي. ان مقابلي ۾ آمريڪا، آسٽريليا، ۽ ڀارت انڊو- پيسفڪ سيڪيورٽي اتحاد ذريعي هن علائقي ۾ چين جي اثر کي محدود ڪرڻ چاهين ٿا.

سوئيز ڪينال کان ڳاڙهي سمنڊ تائين – يورپ جي واپار جي پل

سوئيز ڪينال ۽ ڳاڙهو سمنڊ عالمي واپار جو يورپي دروازو آهن. مصر جي ڪنٽرول هيٺ سوئيز ڪينال، يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ تيز ترين واپاري رستو مهيا ڪري ٿو. پر 2023 کان وٺي، يمن مان ايران جي حمايت يافته حوثي باغين جي حملي سبب، هتي سامونڊي جهازن لاءِ خطرن ۾ واڌ ٿي آهي. ڪيتريون ئي عالمي ڪمپنيون، جهڙوڪ Maersk ۽ Hapag-Lloyd، سوئيز بدران آفريڪا جي سامونڊي چڪر ذريعي يورپ کي سامان منتقل ڪرڻ لڳيون، جيڪو وقت ۽ لاڳت ٻنهي ۾ اضافو آڻي ٿو.

آبناءِ هرمز جي جنگي اهميت

آبناءِ هرمز جي بين الاقوامي لاڳاپن ۾ تمام گهڻي اهميت آهي، فوجي لحاّظ کان به انتهائي اهميت وارو آهي. ڇو جو ان لنگهه تي دنيا جا ڪيترائي طاقتور ملڪ ڪاروبار ڪندا آهن. آمريڪا، چين، روس، برطانيا، فرانس، جرمني ۽ ٻيا يورپي ملڪن جا ان خطي ۾ تمام گهڻا مفاد آهن، ان ڪري هر ملڪ اتي مستقل ۽ طاقت طور رهڻ لاءِ جاکوڙ پيو ڪندو آهي. ان ڪري اهو لنگهه جاگرافيائي سياست ۾ اهم حيثيت اختيار ڪري ويو آهي. اتي ڪنهن به سرگرمي جو عالمي سياست تي تمام گهڻو اثر پوندو آهي. ان لنگهه تي جيتوڻيڪ اسرائيل ۽ ايران جو ڪو سڌو جهيڙو ناهي، پر انهن ٻنهي ملڪن جي جهيڙي سان سندن اتحادي سخت متاثر ٿيندا آهن. ايران ان آبي گذرگاهه کي جاگرافيائي ڪنٽرول ۾ رکندو آيو آهي. هن پهرين به ڪيترائي ڀيرا ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ان جي اتحادين اسرائيل جي مدد بند نه ڪئي ته هو آبناءِ هرمز ۾ سندن موجود سامونڊي جهازن تي حملا ڪندو ۽ انهن جي اتي موجود فوجي اڏن کي تباهه ڪندو. ان ڪري ايران جي اها پوزيشن اسرائيلي مفادن تي به اثر انداز ٿيندي آهي. جڏهن ته اسرائيل ايراني فوجي سرگرمين کي ان خطي ۾ مجموعي سيڪيورٽي لاءِ خطرو سمجهندو آهي، خاص طور تي سعودي عرب ۽ عرب امارات جي توانائي سپلاءِ جي فڪر ۾ هوندو آهي. انهن ٻنهي ملڪن جو ماضي ۾ ان آبي گذرگاهه تي حملا به ٿيا آهن، جنهن سان سامونڊي واپار واري ٽريفڪ ڪجهه وقت لاءِ بند ٿي وئي هئي، جنهن سان پوري دنيا ۾ تيل ۽ ٻئي سامان جي قيمت وڌي وئي هئي.

سامونڊي لنگهن تي فوجي اڏن جي اهميت

انهن اسٽريٽجڪ لنگهن جي ڪنٽرول لاءِ عالمي طاقتن گهڻا سال اڳ ئي فوجي اڏا ٺاهيا آهن. آمريڪا جا قطر (العديد)، بحرين (المنامه)، ڪويت، جبوٽي، ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ اڏا موجود آهن. چين جو به جبوٽي ۾ اڏو آهي. فرانس به جبوٽي، UAE، ۽ ٻين ملڪن ۾ موجود آهي. اهي سڀ فوجي اڏا صرف خطي جي سلامتي لاءِ نه، پر انهن لنگهن کي “کليل ۽ محفوظ” رکڻ لاءِ قائم ڪيا ويا آهن. هرمز جي بندش يا ملاڪا ۽ سوئيز تي حملن سان تيل ۽ گيس جي ترسيل متاثر ٿيندي. تيل جون قيمتون وڌنديون، عالمي مارڪيٽ عدم استحڪام جو شڪار ٿيندي، ۽ غريب ملڪ شديد متاثر ٿيندا. ايران-اسرائيل جنگ جي صورت ۾، آمريڪا، برطانيا، سعودي عرب، ۽ اسرائيل هڪ طرف، جڏهن ته ايران، حوثي، حزب الله، ۽ ممڪن طور چين ۽ روس ٻي طرف هوندا. هن نئين صف بندي سان سرد جنگ جهڙو ماحول پيدا ٿي سگهي ٿو. آمريڪي سامونڊي فوج جو اڏو بحرين ۾ موجود آهي، جتي آمريڪا جي 5 وڏي جنگي ٻيڙي جو هيڊ ڪوارٽر به اتي ئي آهي. برطانيا ۽ فرانس جا فوجي به آمريڪي ڪمانڊ هيٺ ڪم ڪندا آهن. تازو انهن ملڪن سعودي عرب وارن سان گڏ جنگي مشقون به ڪيون آهن. هن وقت سعودي عرب، عرب امارات ۽ بحرين کي اهو خطرو آهي ته انهن ايراني ميزائل ۽ ڊرونز کي اسرائيل تائين پهچڻ کان روڪڻ ۾ مدد ڪئي آهي، ان ڪري ايران ڪجهه ميزائل انهن جي ملڪ تي يا آبناءِ هرمز کي بند ڪري اسان کي معاشي طور تباهه ڪري سگهي ٿو. ان ڪري هنن اسرائيل جي مدد ڪئي آهي.

ايران جي پاسداران انقلاب فورس گذريل ويهاريو سالن کان ان خطي ۾ پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪئي آهي. ايراني فوج ننڍين ننڍين ٻيڙين ذريعي آبي مائنز به وڇائي ڇڏيون آهن. ننڍين ٻيڙين ذريعي فوجي گشت روز ڪيو ويندو آهي. ڪجهه جنگي جهازن تي ڊرونز ۽ بلاسٽڪ ميزائلن کي به نصب ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ايران جو تيل به اتان ئي سپلاءِ ٿيندو آهي، پر هن اڳ ئي پنهنجي سامونڊي لنگهه کي ٻين رستن سان به ڳنڍڻ شروع ڪيو آهي. ايران ان حملي کان اڳ ئي پنهنجي چهار بهار بندرگاهه کي مڪمل ڪري ورتو آهي، جيئن جنگ جي صورت ۾ هو پاڪستان جي گوادر بندرگاهه ذريعي ڪاروبار کي هلائي سگهي. ايران تيل ۽ گيس جي پائيپ لائين منصوبا شروع ڪيا آهن، جئين خليج فارس کان ٻاهر جي علائقن ۾ توانائي جي ترسيل هلندي رهي. ان لاءِ پاڪستان کي پيسا ڏئي به هنن تيل ۽ گيس جي پائيپ لائين جو منصوبو مڪمل ڪرايو آهي. ان سڄي ڪم ۾ ايران جي چين ۽ روس ڪافي مالي مدد به ڪئي آهي. تازو اسرائيل تي ڪيل حملن ۾ آبناءِ هرمز ۾ موجود ايراني جنگي ٻيڙي تان به ميزائل اسرائيل ۾ فائر ڪري تل ابيب ۾ تباهي مچائي وئي آهي. پر اڃان هنن آبي مائينز جو استعمال ناهي ڪيو.

آمريڪا ۽ ان جي اتحادين چيو آهي ته هو ايران کي اهڙي اجازت نه ڏيندا، ڪا حرڪت ٿي ته اتحادين سميت ايران سان جنگ ڪنداسين. عرب ملڪ اڳ ئي ان ڳڻتي ۾ وٺجي ويا آهن. مبصرن جو چوڻ آهي ته ايران اهڙي ڌمڪي ڏئي اتحادين کي اسرائيل کان پري رکڻ يا وري جنگ بندي ۾ پنهنجي برتري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اهو ايران جو پريشر پوائنٽ آهي. ايران تي اتحادين پابنديون مڙهيون ته پوءِ واقعي ايران ان کي مڪمل طور تي بند ئي ڪري ڇڏيندو. هن وقت به صرف ڌمڪي سان تيل جون عالمي قيمتون وڌي ويون آهن. اقتصادي بحران هاڻ کان ئي شروع ٿي ويو آهي. جيڪڏهن اها جنگ شروع ٿي ته پوءِ اها وچ اوڀر نه پر پوري دنيا ۾ شروع ٿي ويندي، ان سان عالمي سياست، معيشت، توانائي جي منڊين، سلامتي تي انتهائي خطرناڪ اثر وجهندي. آبناءِ هرمز وارو معرڪو شام، ترڪي، لبنان، عراق، سعودي عرب، عمان ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ جنگ شروع ڪرائي ڇڏيندو. ايران جي ڪارروائي سان آمريڪا ڪارروائي شروع ڪندو ته پوءِ چين، روس ۽ اتر ڪوريا به ان جنگ ۾ ملوث ٿي ويندا. لکين ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا، پناهگيرن جو نئون بحران پيدا ٿيندو، جنهن جو سڌو اثر يورپ جي ملڪن تي پوندو، جيڪي اڳ ئي يوڪرين جنگ جي ڪري روسي حملي جي ڪري خوف ۾ مبتلا آهن، ۽ اتي لکين يوڪريني پناهگير آباد ٿي ويا آهن.

اسرائيل ۽ ايران هن وقت هڪ ٻئي جي ايٽمي ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن، هاڻ سائبر حملن جو خطرو وڌي ويو آهي، جنهن ۾ توانائي، بينڪنگ، مواصلاتي نيٽ ورڪ کي نشانو بڻايو ويندو. ان سان جنگ جي نئين عالمي صف بندي ٿيڻ شروع ٿي ويندي. وچ اوڀر جي سياست ۾ تمام گهڻي تبديلي ايندي. ان سان دنيا جون طاقتور ڌريون هاڻ کان ئي ننڍن ملڪن کي پاڻ سان ملائڻ شروع ڪيو آهي، روس، چين کانپو اتر ڪوريا ايران جي هر قسم جي مدد جو اعلان ڪيو آهي. هن وقت روس ۽ چين ايران جي ڪافي مدد ڪري رهيا آهن. ڇو جو انهن جو آمريڪا ۽ يورپي ملڪن سان اڳ ئي جهيڙو هلندڙ آهي. هاڻ عرب ملڪن لاءِ مسئلو ٿي ويو آهي ته هو ڪنهن سان بيهن، ان ڪري ئي صدر ٽرمپ سعودي عرب ۽ عرب امارتن سان کربين ڊالرن جي هٿيارن ۽ واپار جا سودا ڪري انهن کي پاڻ سان گڏ بيهڻ لاءِ مجبور ڪري ويو آهي. پر هنن لاءِ اسرائيل جي کليل مدد پنهنجي عوام ۾ ڪمزور پوزيشن ۾ آڻي بيهاريو آهي جيڪي عوامي بغاوت ڪري انهن لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿا. ترڪي هن وقت نيوٽرل پاليسي اختيار ڪئي آهي. هو اسرائيل جو مخالف آهي. پر هو آبناءِ هرمز ۾ جهيڙي کي روڪڻ لاءِ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

اڄ جي دنيا ۾ جنگ صرف هٿيارن جي نه، پر واپار، لاجسٽڪ، ۽ توانائي جي لنگهن تي ڪنٽرول جي جنگ آهي. هرمز، ملاڪا، ۽ سوئيز جي لنگهن جي سيڪيورٽي، صرف علائقائي نه، بلڪه عالمي امن، معيشيت، ۽ مستقبل جي سياست لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي. ايران جي پاليسين، چين جي سامونڊي وسعت، ۽ آمريڪي اتحاد جي موجودگي، انهن ٽنهي رستن کي ايندڙ ڏهاڪن لاءِ دنيا جي سياست جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي. لنگهن جي بندش سان کاڌ خوراڪ، دوائن، ۽ صنعتي شين جي فراهمي دير سان پهچندي. افريقي ملڪن ۽ غريب قومن ۾ انساني بحران جنم وٺي سگهي ٿو.