ماتلي (ن پ ا) ماتلي ۾ دمبالو شھر جي صحافي  مقبول آرائين جي گھر تي بغير وردي ۽ بغير ليڊيز پوليس جي دمبالو پوليس جي چڙھائي صحافي تي تشدد عورتن تي لٺبازي ھڪ عورت جي پنجن مھينن جو حمل ضايع دمبالو پوليس مقبول آرائين کي گھران گرفتار ڪرڻ کانپوء گھليندي تشدد ڪندي اھلڪار تذليل ڪندا رھيا عورتن اڀ ڏاريندڙ دانھون ڪيون، واقعي وڊيو وائيرل ٿي وئي. ان ڏس ۾ پوليس جي تشدد ۾  رابعه نالي عورت جيڪا مقبول آرائين جي ننھن آھي جيڪا حمل سان ھئي ۽ ان جو حمل ضايع ٿي ويو آھي ۽ ھوءَ اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل آھي. جڏھن مقامي صحافي مقبول آرائين جنھن کي پوليس گرفتار ڪيو آھي ان باوجود سندس گرفتاري ظاھر نه ڪئي ويئي آھي. سندس گھر واري جو چوڻ آھي ته مقبول آرائين منشيات خلاف خبرون ھلايون جنھن تي پوليس مڇرجي گھر تي چڙھائي ڪئي چادر چئوديواري جو تقدص پائيمال ڪيو عورتن تي سخت تشدد ڪيو ۽ منھنجي گھر واري کي گھران تشدد ڪيو پاڙي وارن کي به حراسان ڪيو پوليس اسان جي محافظ آھي پر ھتي اسان سان ڌاڙيلن وارو ورتاء ڪيو ويو آهي. بنا ليڊيز پوليس جي گھرن اندر داخل ٿيڻ ۽ عورتن تي تشدد ڪرڻ قانون جي ڀڃڪڙي آھي، منھنجو گھروارو ڌاڙيل ڪونه آھي ھو ھڪ صحافي آھي جنھن پوليس بيرحمي سان تشدد ڪري سندس تذليل ڪئي آھي اسان وٺ موبائيل وڊيو نوجود آھن جيڪي سوشل ميڊيا تي پڻ وائيرل ٿيون آھن جن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته پوليس انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن صحافي مقبول آرائين جي گھر ۽ سندس وارثن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي پوليس جي اھڙي ظلم جو نوٽيس وٺي ملوث پوليس اھلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن دمبالي جي صحافي مقبول آرائين کي سادن ڪپڙن پوليس پاران سندس گھر مان گرفتار ڪرڻ واري معاملي جو ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي ماتلي کي انڪوائيري ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو آھي . ايس ايس پي بدين  پنھنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آھي ته   صحافي مقبول آرائين تي ٽنڊو غلام علي ٿاڻي تي  عورت رشيده آرائين حراسمينٽ جو ڪيس داخل ڪرايو  ھو جنھن جي گرفتاري لاء پوليس ڇاپو ھنيو، جنھن تي عورتن مقبول کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن تي ھي واقعو پيش آيو پر پوليس جو اھو عمل تمام خراب آھي جنھن جي مڪمل شفاف انڪوائيري ڪئي ويندي.