نئون دمبالو (ن پ ا) نئون دمبالو ۾ بااثرن انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا عورت جو لاش دفنائڻ نه ڏنو ويو. ان ڏس ۾ نئون دمبالو لڳ ڳوٺ ولي محمد احمداڻي ۾ گذريل رات فوت ٿيل عورت کي ڳوٺ حاجي فضل ٽالپر جي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ نه ڏنو ويو. فوت ٿيل عورت جي پٽ نظير احمد احمداڻي ۽ ٻين وارثن ٻڌايو ته جڏھن  گذريل رات اسان جي احمداڻي برادري جي عورت فوت ٿي ويئي ته اسان ٻين قبرستان ۾ پاڻي هئڻ سبب هن قبرستان ۾ قبر کوٽرائي ۽ مڙهه کڻي اتي پهتاسين ته  شاھد علي ٽالپر چيو ته ھي قبرستان اسان جي ڳوٺ جو آھي، اوھان پنھنجون عورتون ۽ ٻارڙا دفن ڪيو ٿا. اسان ڳوٺ وارن سڀني جو چيل آھي ته اسان ھتي ٻيو ڪوبه ماڻھون دفن ڪرڻ نه ڏينداسين. ھنن چيو ته ھن اھا کوٽيل قبر به پورائي ڇڏي ۽ عورت کي دفن ڪرڻ نه ڏنو ويوجڏھن ته فوت ٿيل عورت کي وري سندس مائيٽ مئو واري قبرستان تي کڻي ويا جتي هن کي دفنايو ويو جڏھن ته ٽالپر برادري جي اھڙي نازيبا حرڪت تي علائقي ۾ مايوسي ڇانيل آھي.