سيوهڻ(رپورٽ: اشرف عطار) عظيم صوفي بزرگ قلندر لعل شهباز جو 773 هون ساليانو عرس سڀاڻي سومر کان شروع ٿي رھيو آھي ۽ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته سڄي ملڪ مان لکن جي تعداد ۾ قلندر جي پانڌيئڙن جي پھچڻ وارو سلسلو جاري آهي، زائرين شھر ۾ مختلف علائقن تي ديرا ڄمائي ورتا آهن، جڏھن ته سيوهڻ شھر کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي ۽ هر گھٽي توڙي رستن تي دمادم مست قلندر جون صدائون بلند ڪيو پيون وڃن، ٻئي پاسي شھر ۾ دڪانداري سجي وئي آهي، جنھن ۾ ڪشمش، رانديڪا، مٺائي، اجرڪ، ڳانن ۽ هوٽلن سميت مختلف اسٽال لڳايا ويا آهن ۽ ميلا گرائونڊ تي سرگس پڻ لڳايو ويو آهي، قلندر جي ايندڙ عرس ۾ لکين پانڌيئڙن لاءِ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آھن جنهن لاءِ 5 ھزار کان وڌيڪ پوليس اھلڪار ۽ 300 رينجرز عملدار مقرر ڪيا ويندا ۽ چيڪنگ سخت رکي ويندي ته جيئن قلندر جو ميلو امن امان سان ٿي سگهي. جڏھن ته قلندر جي عرس ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ مزار اندر 150 ۽ درگاهه قلندر ٻاھران 250 کان وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳائيون ويون آھن ۽ انتظاميا پاران ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آھي، جيئن عوام جي چرپر تي نظر رکي سگھجي، پوليس اهلڪارن سان گڏ رينجرز اهلڪار، اسپشل برانچ، نيوي، سميت پوليس اهلڪار عرس ۾ پھچي ڊيوٽي سر انجام ڏيندا، جڏهن ته پانڌيئڙن جو وڏو تعداد سيوھڻ پھچڻ جو امڪان آهي ان ڪري کين سڀ سھولتون فراھم ڪرڻ لاءِ ھر کاتي کي پنهنجي حصي جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ گھرجي. جڏهن ته لعل شھباز قلندر جي ميلي جي پهرين ڌمال تي افتتاح بعد پھرين ڌمال تي سگهڙ ڪچهري، ٻئين ڏينهن ادبي ڪانفرنس ۽ ٽئين ڏينهن تي محفل موسيقي منعقد ڪرڻ کان علاوه ٽئي ڏينهن ملاکڙو پڻ ٿيندو ۽ شھباز ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا.
ميلي ۾ آيل پنجاب واسي ٻن ڌرين ۾جهيڙو، 14 ڄڻا زخمي |
سيوھڻ: قلندر لال شھباز جي ميلي ۾ شرڪت لاءِ پنجاب مان پھتل زائرين جي ٻن ڌرين ۾ سيوھڻ جي لعل باغ واري علائقي ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻئي مٿان لٺين جو وسڪارو ٿيڻ ڪري 5 عورتن سميت 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اھڙي اطلاع تي پوليس بروقت واقعي واري ھنڌ پھچي جھيڙي تي ڪنٽرول ڪيو ۽ زخمين کي سيوھڻ جي سيد عبد الله شاهه انسٽيٽيوٽ اسپتال پھچايو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي ۽ اسپتال اندر داخل زخمين ۾ محمد ظفر، آزاد ملڪ، وارث علي، محمد اڪرم، دلدار حسين ملڪ، محمد شريف، ملڪ محمد غفار، عبدالغفور، شهداد خان، آسي بيبي، راني بيبي، شميم، ممتاز بييبي ۽ ٻيا شامل آهن، پوليس واقعي واري ھنڌ تان 3 جوابدارن کي گرفتار پڻ ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين جو تعلق پنجاب جي ضلعي جھنگ ۽ ميان چنو سان آهي جن جو پاڻ ۾ سنڱاوتي تڪرار ھلندڙ آهي جنهن تان جھيڙو ٿيو آهي. ٻئي طرف پوليس واقعي جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آهي.

الشھباز آڊيٽوريم هال کي رنگن سان سينگاريو ويو
سيوهڻ: ميلا شھباز ڪاميٽي جي چيرمين ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري پاران عرس مبارڪ جي ٽن ڌمالن ملھائڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ الشھباز آڊيٽوريم هال کي رنگ رونگن ڪري سينگاريو ويو آهي، جتي سرڪاري تقريبون منعقد ڪيون وينديون جنهن ۾ پهرين ڌمال تي سگهڙن جي ڪچهري، ٻي ڌمال تي ادبي ڪانفرنس ۽ ٽيئن ڌمال تي رانگ رنگ جي محفل ۽ شھباز ايوارڊ پڻ ورهايا ويندا.
عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ ۾ايمرجنسي ،24 ڪلاڪ عملو موجود
سيوھڻ: سيد عبدالله شاھه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ عرس کان اڳ 10 ڏينهن ايمرجنسي لاڳو، 24 ڪلاڪ ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو موجود هوندو اھڙو اظھار انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي صحافين آڏو ڪيو ۽ وڌيڪ چيو ته حضرت قلندر لعل شهباز جي 773 هين سالياني عرس مبارڪ جي حوالي سان سيد عبدالله شاھه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، جنهن ۾ 24 ڪلاڪ ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو موجود هوندي ڪنهن به ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسپتال ۾ 100 بيڊ اضافي لڳايا ويا آهن ۽ ٻين ضعلن مان اضافي ايمبولينسون پڻ گهرائيون وينديون آهن، جڏھن ته شهر ۾ مختلف چوڪن تي ميڊيڪل ڪمئپون پڻ قائم ڪيون وينديون آهن، جتي ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو ۽ دوائون موجود ھونديون آهن.
پيئڻ جي پاڻي جون 35 سبيلون قائم، فائر برگيڊ عملو الرٽ
سيوھڻ: قلندر لعل شھباز جي عرس دوران لکين پانڌيئڙن جي سھولت لاءِ پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست ڪيو آهي، شھر ۾ 35 سبيلون قائم ڪيون آهن ۽ صفائي سٿرائي ڪري رهيا آهيون، ميونسپل ڪميٽي چيئرمين شھزاد حيدر شاھ جو چوڻ آھي ته لعل شهباز جي 773 هين سالياني عرس مبارڪ ۾ ايندڙ پانڌيئڙن جي سھولت لاءِ پيئڻ جي پاڻي جون 35 سبيلون قائم ڪيون ويون آهن ۽ درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ باوجود ڪوشش وٺي تلائن ۾ پاڻي اسٽاڪ ڪيو ويو آهي ۽ شھر ۾ صفائي سٿرائي جو ڪم 4 ڏھاڙا جاري رھندو ۽ مختلف ضلعن جي شھرن مان سينٽري عملي سميت فائر برگيڊ جي گاڏين جو به بندوبست ڪيو ويو آهي.