ڪراچي(انٽريسٽنگ نيوز) انسان جي جسم جو هر عضوو پنهنجي پنهنجي حساب سان وڏي اهميت رکي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن به عضوي ۾ ڪو نقص ٿي پوي ته زندگي خطري ۾ پئجي ويندي آهي. نه رڳو ايترو پر انسان کي تڪليف به تمام گهڻي ٿيندي. اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر جيڪڏهن انسان جي جسم جو ڪو به عضوو خراب ٿي پوي ته نه اهو پاڻمرادو طور ٻيهر ٿي پوندو آهي ۽ نه ئي ان جهڙو عضوو ڪڏهن ڪو ٻيو ملي سگهي ٿو. سائنس جي ترقي جي باوجود ڪيترائي هٿرادو عضوا لڳرائي ته سگهجن ٿا پر انهن لاءِ هاڻوڪي عضون کان وڌيڪ احتياط، سار سنڀال ۽ خرچن جي ضرورت پوي ٿي. جڏهن ته هاڻوڪي قدرتي عضون لاءِ رڳو ٿوري ئي احتياط جي ضروري پوندي آهي. پر ڇا توهان ڪڏهن سوچو آهي ته جيڪڏهن توهان جي جسم جا عضوا خراب ٿي وڃن ته پوءِ اهي ڪٿان ايندا؟ يا توهان ڪڏهن سوچو آهي ته انهن کي توهان پنهنجي هٿن سان نقصان ڏيندا آهيو؟ ۽ توهان کي ائين بلڪل به نه ڪرڻ گهرجي! انسان جي جسم جا ٻاهريان عضوا اندرين عضون جي ڀيٽ ۾ مضبوط ۽ سخت هوندا آهن جن جو به خيال رکڻ گهرجي پر اندريان عضوا ٻاهرين کان وڌيڪ نازڪ هوندا آهن جن جو خيال رکڻ انتهائي ضروري هوندو آهي. توهان کي  جيڪڏهن ڪير چوي ته پنهنجو هٿ باهه ۾ وجهو ته ڇا توهان ائين ڪندا؟ نه ڪڏهن به نه! ڇو ته توهان کي خبر آهي ته ائين ڪرڻ سان توهان جو هٿ سڙي ويندو ۽ اهو توهان لاءِ نقصانڪار آهي. پوءِ توهان پنهنجي اندرين عضون، دل، آنڊن، گڙدن، معدي، دماغ ۽ ٻين جو اهڙي نموني خيال ڇو نٿا ڪيو؟ ڇا توهان کي اها خبر ناهي ته اهي روز ناهن ملندا؟ هونئن ته جسم جي اندرين عضون کي صحتمند رکڻ لاءِ مختلف کاڌا استعمال ڪرڻ سميت ڪيترائي کاڌا ۽ شيون کائڻ پيئڻ کان پاسو ڪرڻ انتهائي ضروري هوندو آهي، پر اسان هتي توهان جي عضون بابت اهڙيون عام ڳالهيون ٻڌائينداسين جيڪي توهان کي خبر به هوندي پر توهان انهن تي عمل نه ڪندا هوندا.

 

 

 

توهانا اهي سوليون شيون ڇو ناهيون ڪندا جيڪي توهان جي عضون کي فائدو ڏين.