برلن (انٽريسٽنگ نيوز) يورپي ماهرن ڊگهي تحقيق کانپوءِ دريافت ڪيو آهي ته دل جي بيمارين جي اڳواٽ سڃاڻپ لاءِ هڪ سادي ۽ عام رت جي ٽيسٽ ڪارائتو ٿي سگهي ٿي، جنهن کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو آهي. هن وقت دل جي بيمارين جي سڃاڻپ لاءِ ڪيترائي طريقا ۽ ٽيسٽون موجود آهن ۽ گذريل 60 ورهين کان ڊاڪٽر ”لپڊ پروفائل“ يعني ڪوليسٽرول جي ٽيسٽ کي به دل جي بيمارين جي اهم سڃاڻپ طور استعمال ڪندا رهيا آهن. پر هاڻ ماهرن ڪوليسٽرول جي ئي هڪ عام ٽيسٽ کي وڌيڪ اهم قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته جيڪڏهن ان تي ڌيان ڏنو وڃي ته دل جي ڪيترين ئي پيچيدگين جي اڳواٽ سڃاڻپ ممڪن ٿيندي. هڪ طبي رسالي ۾ ڇپيل تحقيق موجب يورپي ماهرن ٻه لک کان وڌيڪ مريضن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو، جيڪي دل جي بيمارين ۾ مبتلا هئا. ماهرن سڀني رضاڪارن جي رت جي ٽيسٽن، خاص طور تي ڪوليسٽرول جي ٽيسٽن تي ڌيان ڏنو ۽ اها ڪوشش ڪئي ته ڏسجي ته اهڙو ڪهڙو اشارو آهي، جيڪو سڀني مريضن ۾ گڏيل آهي. ماهرن انهن ٽيسٽن کي 15 سالن کانپوءِ به ڏٺو ۽ معلوم ڪيو ته جيڪي مريض دل جي بيمارين، خاص طور تي دل جي رڳن جي بيمارين ۾ مبتلا هئا، انهن جي ڪوليسٽرول ۾ هڪ خاص قسم جي پروٽين جي واڌ ٿي ويندي آهي. ماهرن ڄاڻايو ته دل جي رڳن جي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن جي ”بيڊ ڪوليسٽرول“ ۾ (apoB) نالي پروٽين جي شرح وڌيڪ هئي ۽ اها شرح وڌڻ ئي رڳن ۾ مسئلا پيدا ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿي. ماهرن موجب جيڪڏهن صحت جا ماهر ڪوليسٽرول جي ٽيسٽ دوران ان مخصوص پروٽين تي به نظر رکن ته هزارين ماڻهن ۾ دل جي بيمارين جي اڳواٽ سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي. ماهرن چيو ته جيڪڏهن بيڊ ڪوليسٽرول ۾ موجود پروٽين جي شرح ۾ واڌ کي شروعاتي مرحلي ۾ ئي پڪڙي علاج شروع ڪيو وڃي ته دل جي بيمارين کان بچي سگھجي ٿو. ياد رهي ته ڪوليسٽرول کي نه رڳو دل جي بيمارين پر اڌ رنگ ۽ بلڊ پريشر جهڙين بيمارين لاءِ به خطرو سمجهيو ويندو آهي، ڪوليسٽرول حقيقت ۾ رت ۾ موجود سڻڀ هوندو آهي، جيڪو وڌڻ سان رڳون تنگ ٿي وينديون آهن.