دل جا حال

0
65
دل جا حال

 گهڻو،تمام گهڻو اڳي ته لکبو ئي نه هو! جڏهن کان لکجڻ شروع ٿيو، ته لکي پاڻ وٽ رکبو هو، يا وري جنهن کي پڙهائڻ لاءِ لکبو هو، ان ڏانهن ڏياري موڪلبو هو. ان کان پوءِ لکي پاڻ وٽ رکڻ جو سلسلو شروع ٿيو. اڳتي هلي لکيل مواد کي ڇپرائڻ جو رواج پيو. اخبارون، رسالا، ڪتاب، رپورٽس وغيره وغيره لکجڻ ۽ ڇپجڻ شروع ٿيا. اڳي جي ڀيٽ ۾ لکڻ وارا هاڻي وڌيڪ ٻُڌڻ ۾ اچن ٿا. منهنجي خيال ۾ ڳڻپ نه ٿيڻ جي ڪري، اهو اندازو ڏکيو ٿي پوندو، ته لکڻ وارن جو اڳي ڪيترو سيڪڙو ۽ هاڻي ڪيترو سيڪڙو آهي. بهرحال، لکڻ وارا لکن ٿا، ڇپرائين ٿا، پڙهڻ وارا پڙهندا آهن. پڙهڻ وارا پڙهي پڙهي لکڻ شروع ڪندا آهن. اخبارون ۽ رسالا به گهڻا، ته ڪتاب به ڪيترا ئي ڇپجن ٿا، پر اڃان به اهڙا آهن، جيڪي لکن ٿا، لکي پاڻ وٽ رکي ڇڏين ٿا. ٻيا وري ڪڏهن ڪڏهن، ڪٿي نه ڪٿي، لکتون ڇپرائيندا آهن. ڪتاب ڇپرائڻ کي ترجيح نه ڏيندا آهن يا وري ڪو ٻيو مسئلو به نه ، ڪيترا ئي مسئلا آهن.

عبدالرحمٰن پيرزادو جديد دور جو لکيو پڙهيو، اهڙو ليکڪ آهي، جيڪو جديد دور جي ذريعن کان به واقف آهي. لکندو آهي. پاڻ وٽ رکندو آهي. عالمي ڳنڍڻ ڄار يعني انٽرنيٽ استعمال ڪندو آهي. انٽرنيٽ جا سماجي لاڳاپي وارا ذريعا ڪتب آڻيندو آهي. پنهنجون تحريرون ٻين تائين پهچائيندو آهي. ايترو لکي چڪو آهي، جو هي سندس ڇهون ڪتاب، جيڪو اڳوڻن پنجن ڪتابن وانگر روايتي طريقي سان شايد ئي نه، پڪ سان ڇپرائيندو ڪونه، اِي بوڪ طور پڙهڻ لاءِ فراهم ڪندو. ڇپجندڙ ڪتابن جي ڀيٽ ۾ گهڻن پڙهندڙن تائين پهچندو. سندس پڙهندڙن جو تعداد جيئن پوءِ تيئن وڌندو رهندو. عبدالرحمٰن  پيرزادو صرف ان نسبت سان ئي نه ، لکڻ جي گهاڙيٽن ۽ پابندين جي حساب سان به جديد دور جو نرالو ليکڪ آهي. روايتي انداز ۾ نه سوچيندو آهي، نه ئي مروج ۽ روايتي شرطن مطابق لکندو آهي، پر لکندو رهندو آهي. سندس لکتون پڙهبيون رهبيون آهن. سندس پڙهندڙ، سندس تحريرن جو انتظار ڪندا آهن.

”دل جا حال”، عبدالرحمٰن  پيرزادي جو ڇهون اِي ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ بيت، ٽيڙو، هڪ سٽا، ٻه سٽا، ٽي سٽا، چئوسٽا، وايون، غزل ۽ نظم آهن. سڀ کان پهرين پنج بيت آهن. جن مان پهريَن ٻن بيتن ۾ “ڪراچي آ ڪنهن جي” بابت ڪجهه پڇيل ۽ ڪجهه لکيل آهي. سندس ٽئين بيت تي آئون ڪجهه نه ٿو لکان، اوهان کي هتي پڙهائڻ ضروري ٿو سمجهان:

نه ڪو بچيو هاڪڙو، نه ڪا ٻنڌ اروڙ

بھه، مڇي ۽ لوڙھه، اڄ به آھن سنڌ ۾

ڪجهه نه بچيو، ڪجهه اڄ به آهي جهڙي حقيقت کان پوءِ آخري ٻن بيتن ۾ “چريو پيو رڙيون ڪري” لکيل آهي. آئون هي بيت ئي نه، سمورو مسودو پڙهڻ کان پوءِ ساڻس سهمت آهيان. اوهان به واري سان سندس سڀ اسم پڙهي، آخر ۾ ٻڌائجو ته ڪيئن، واقع “چريو پيو رڙيون ڪري” يا آئون ڀُليو آهيان؟

”دل جا حال” ۾ ست ٽيڙو شامل آهن. اهي ست ٽيڙو سماج جي عڪاسي ڪندڙ به آهن، ته ڏس ۽ ڏانءُ ڏيندڙ، رهنما اصول به آهن. منهنجي نظر ۾ سندس هي ٽيڙو انمول آهي:

او نڪمو، ٽوٽيو

جنگ کي ڇڏيو

رڳو ڏاند جوٽيو

مون هڪ صنف “هڪيٽو” لکي، ٻين هڪ سٽيون ڪهاڻيون ۽ هڪ سٽا شعر لکيا آهن! عبدالرحمٰن  پيرزادي 22 هڪ سٽا لکيا آهن. انهن مان اڪثر هڪ سٽا محبت کي سمجهڻ لاءِ لکيا ويا آهن. هي ٻه هڪ سٽا اوهان پڙهو، ويچاريو:

  • ڌڱ، ايڏا ساماڻا جوڌڻ کائي ويا
  • ڏار، ڪجهه ايئن وڌيا جو ٿڙ کائي ويا

جيئن “ٻه ٽه ٻارنهن” چئبو آهي، تيئن “چار ته چوئيتاليهه” ڀلي نه ٿين، نه چئجن، نه ئي مڃجن، پر هن مجموعي ۾ چار ٻه سٽا آهن. جاهل، ڀيل، خواب ۽ عالم عنوان سان لکيل اهي سڀ ٻه سٽا، “ٻه ٽه ٻارنهن” کان وڌيڪ معنائون رکندڙ به آهن، ڏندن ۾ آڱريون ڏياري ڇڏيندڙ به آهن. ٻه بهترين ٻه سٽا “جاهل” جي حوالي سان، پر هي هڪ ٻه سٽو ڇا تي ۽ ڇو ڄاڻڻ لاءِ پڙهو ۽ پرايو:

بکئي پيٽ ته

خواب به نٿا اچن

ٽيڙو يا هائيڪو شاعري جي صنف آهي. ان جون پنهنجون گهرجون آهن. عبدالرحمٰن  پيرزادي سندس هن مجموعي ۾ ٽيڙو به لکيا، ٽي، ٽي سٽا به لکيا آهن. انهن مان پهريان ٻه ٽي سٽا ساڳئي طريقي سان، پر ٽيون انهن کان مختلف آهي. مجموعي ۾ پڙهندڙ ٽئي پڙهندا، هتي آئون نموني طور آخري ورجايان ٿو:

سرمائيدارڻي سماج ۾

انسان جي ارتقا ممڪن ئي ڪونھي

ان لاءِ غيرطبقاتي سماج گھرجي

هڪ درجن مختلف چئو سٽا به هن مجموعي جي سونهن آهن. موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان ڪي هڪ ٻئي کي ويجها، ته ڪي مختلف ۽ پري به آهن. هي سڀ چئوسٽا، شاعري ۾ مروج گهاڙيٽي ۽ وزن جي لوازمن کان مختلف آهن. دل ته چئي پئي ته هڪ ٻه چوسٽو هتي به پڙهايان، پر سوچيان پيو ته پوءِ مجموعي ۾ ڇا پڙهبو؟

”ڀلي تون ڳاءِ” ۽ “اسان يار ملھائي ڏياري آ” زرعي سماجي حالتن ۽ روايتن ۾ رهندڙ شاعر عبدالرحمٰن  پيرزادي جي ٻن واين جون وراڻيون آهن. هن مجموعي ۾ صرف اهي ٻه ئي وايون شامل آهن. پهرئين وائي جو “ڀنئور گل” عنوان ۽ ٻيءَ جو “ڏياري” عنوان به لکيل آهي. مون کي جيستائين ياد پيو پوي، ته مون شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو پڙهيو آهي، جنهن ۾ سڀ ٻه سٽا، ٽي سٽا، چئو سٽا ۽ وايون ته عنوان سان لکيل آهن، پر يارهن غزل به عنوان سان لکيل آهن. مجموعي جو نالو “دل جا حال” به هڪ غزل جو عنوان آهي، پر هن سموري مجموعي ۾ جيڪو ڪجهه به آهي، اهو سڀ ڪجهه دل جو ئي ته حال آهي. اهو ئي شاعري جو روپ وٺي، لفظن جي شڪلين ۽ صورتن ۾، اعرابن ۽ نشانين سميت پڙهڻ لاءِ مليو آهي. پڙهندڙ جهڙو ۽ جيترو پنهنجي علم ۽ حلم وارو هوندو، ان تي، ان نسبت سان اثر پوندو، تاثر اڀرندو، موٽ ملندي. غزلن کان پوءِ سڀ نظم آهن.

ڪي نظم ساڳئي گهاڙيٽي ۾، ڪي مختلف گهاڙيٽن ۾، ڪي پابند، ڪي آزاد، ڪي نثري نظم آهن. نظم ججها هجڻ ڪري، انهن ۾ موضوع به ججها آهن. هر نظم ٻئي کان مختلف به آهي، ته ڪيترا ئي انوکا، نرالا نظم به آهن. نظمن ۾ موجود مواد جو اندازو نظمن جي عنوانن مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو. ٽانڊو، ڪردار ۽ ڪشي، نيون مشڪريون، بي وسي ۽ بي حسي، مشڪل، ساهه کڻڻ ڏکيو، خود فريبي، چريو کريو، تنظيم، ڀٽائي 2020ع، جهالت مان مڪتي، ڀورائي، جهالت ۽ جاهليت، جاڳندا رهو ۽ جديد سياست به نظمن جا عنوان آهن، ته هڪ جو عنوان “استاد بخاريءَ ڏانهن” به آهي. ”دل جا حال” تي ڪهڙا ويهي “دل جا حال” لکجن! پڙهندڙ کان وڌيڪ ٻيو ڪير به لکت تي ڪهڙي راءِ ڏيندو؟ مون کي اميد آهي، ته پڙهندڙ پڙهي، عبدالرحمٰن  کي پنهنجي راءِ ضرور ڏيندا. ڇاڪاڻ ته پڙهندڙن جي راءِ ليکڪ لاءِ خوراڪ نه ئي سهي، ڪڏهن ڪڏهن استعمال ٿيندڙ طاقت جي نسخي جو ڪم ڪندي آهي.