ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار ۽ ڳائڻي دلجيت دوسانجهه جي تڪراري فلم پنجاب 95 ڀارت ۾ رليز نه ٿيڻ باوجود 7 فيبروري 2025 تي سڄي دنيا جي سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي، پنجاب 95 کي روني اسڪرين والا جي بينر آر ايس وي پي موويز پروڊيوس ڪيو آهي، جڏهن ته هدايتڪار هني تريهان آهي، اها فلم انساني حقن جي علمبردار جسونت سنگهه کالرا جي زندگي تي ٻڌل آهي، جيڪو 1984ع کان 1994ع دوران پنجاب ۾ هزارين اڻڄاتل لاشن جي اجتماعي تدفين جي جاچ ۾ مصروف رهيو، جسونت سنگهه 1995ع ۾ پراسرار طور تي گم ٿي ويو هو، ۽ بعد ۾ سندس اغوا ۽ قتل جي الزام ۾ چار پوليس آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو، 2007ع ۾ پنجاب ۽ هريانه هاءِ ڪورٽ جوابدارن جي شروعاتي 7 سال جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، دلجيت فلم جي ٽريلر جي رليز جي موقعي تي چيو “اها فلم انساني حقن جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي، ۽ ان مان ڪو منظر ڊليٽ ناهي ڪيو ويو، اسان خوش آهيون ته سڄي دنيا جا شوقين ان فلم کي ڏسي سگهندا.” ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب فلم ڀارت ۾ رليز نه پئي ڪئي وڃي، جنهن جو امڪاني سبب ان جي تڪراري ڪهاڻي ۽ حساس موضوع ٿي سگهن ٿا.