نيويارڪ(شوبز نيوز) دلجيت دوسانجھ ميٽ گالا 2025 ۾ پنهنجي پهرين ڌماڪيدار انٽري جو اعلان ڪيو آهي. دنيا جي سڀ کان وڏي فيشن ايونٽ، ميٽ گالا 2025، ۾ هاڻي هڪ ٻيو سپر اسٽار شامل ٿيڻ وارو آهي. ڀارتي ڳائڻي ۽ اداڪار دلجيت دوسانجھ ميٽ گالا ۾ پنهنجي ڊيبيو جي باضابطه طور تي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جنهن سندس مداحن ۾ خوشي جي لهر پکيڙي ڇڏي آهي. دلجيت انسٽاگرام تي هڪ مختصر پر معنيٰ خيز پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن لکيو، “پهريون ڀيرو. سوشل ميڊيا پوسٽ ۾، هن آمريڪي ريپر گنا جي مشهور ٽريڪ ‘ميٽ گالا’ کي پس منظر جي موسيقي طور استعمال ڪيو. دلجيت سان گڏ، بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان ۽ اداڪاره ڪيارا ايڊواني پڻ ميٽ گالا 2025 ۾ پنهنجي پهرين داخلا ڪري رهيا آهن، اهو پروگرام 5 مئي تي ميٽروپوليٽن ميوزيم آف آرٽ، نيويارڪ ۾ منعقد ٿيندو.