اسلام آباد: بجيٽ ۾ آءِ ايم ايف جي شرطن تحت ڪفايت شعاري جي پاليسي تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ ٿيندو، بجيٽ ۾ تمام وفاقي وزارتن ۽ ادارن لاءِ نئين گاڏين جي خريداري تي پابندي لاڳو ٿيندي. وفاقي وزارتن ۽ ادارن لاءِ بجلي ۽ گيس بلن جي مد ۾ رقم کي به گهٽ ڪيو ويندو، آءِ ايم ايف جي شرطن تحت غير ضروري ضمني گرانٽس تي پابندي لڳندي رڳو قدرتي آفتن جي صورت ۾ هنگامي سپليمينٽري گرانٽ منظور ٿي سگهندي، قرضن ۽ وياج جي ادائگي لاءِ ساڍا اٺ هزار ارب رکڻ جو امڪان آھي، ايف بي آر کي 14200 ارب جو ٽيڪس حدف ڏيڻ جڏهن ته نان ٽيڪس روينو جي مد ۾ 2600 ارب جي وصولين جو حدف مقرر ٿيڻ جو امڪان آھي. اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي ساڍن اٺ سو ارب کان نو سو ارب تائين ملڻ، دفاعي بجيٽ 28 سو ارب کان ٽي هزار ارب تائين رکڻ جو امڪان آھي، جڏهن ته ترقياتي بجيٽ لاءِ هڪ هزار ارب رکيا ويندا بجيٽ ۾ مختلف مدن ۾ سبسڊي لاءِ 1367 ارب، گرانٽس جي مد ۾ 1619 ارب، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ صوبن کان سرپلس ملڻ جو حدف 1220 ارب هوندو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 716 ارب رکڻ ۽ ٽه ماهي 13500 مان وڌائي 14500 ڪرڻ جو امڪان آھي.