اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اقتصادي ڪائونسل ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جا هدف تيار ڪري ورتا، وفاقي بجيٽ 13800ارب جي هوندي        دفاع لاءِ 1800 ارب تجويز، قومي ترقياتي پروگرام لاءِ 2709 ارب منظور، توانائي بچت لاءِ پهرين جولاءِ کان رات جو 8وڳي دڪان بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، بجيٽ خسارو 6 هزار ارب هوندو، 12 هزار آمدني جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، وزيراعليٰ بلوچستان پاران قومي اقتصادي ڪائونسل اجلاس جو بائڪاٽ ڪيو ويو. تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ دفاع لاءِ 1800 ارب رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ذريعن موجب نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل ايندڙ مالي سال جي بجيٽ لاءِ هدف تيار ڪري ورتا آهن، جنهن تي ناڻي وزير اسحاق ڊار وزيراعظم کي بريفنگ ڏني، ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي ڊي پي جو 7.7 سيڪڙو مالياتي خساري سان گڏ تيار ڪيو ويو آهي، وفاق ۽ صوبن کي ملائي 7.1سيڪڙو مالياتي خساري جي بجيٽ تيار ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب بجيٽ ۾ 6 هزار ارب کان وڌيڪ جو مالياتي خسارو هوندو، قرض ۽ وياج جي ادائيگين تي 7300 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا، ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ دفاع لاءِ 1800 ارب رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 430 ارب رکيا ويندا، ذريعن موجب ايف بي آر لاءِ 9200 ارب ٽارگيٽ مختص ڪيو ويو آهي نان ٽيڪس آمدني جي مد ۾ 2800 ارب رپين جو هدف رکيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ناڻي وزير، رٿابندي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل وزيرن ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سنڌ، خيبر پختونخوا جي وڏن وزيرن ۽ پنجاب جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته بلوچستان جو وڏو وزير اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو، ذريعن مطابق قومي اقتصادي ڪائونسل ايندڙ مالي سال لاءِ سالياني ترقياتي پروگرام جي منظوري ڏني، اين اي سي 2709 ارب رپين جي ترقياتي پروگرام جي منظوري ڏني، وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ ساڍا 11 سئو ارب رپيا مختص ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جنهن ۾ 200 ارب رپيا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت شامل آهن، وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ 55 ارب رپين جي ايڪسٽرنل فنانسنگ به شامل هوندي، وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ 200 ارب رپيا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت خرچ ڪرڻ جو منصوبو آهي،  اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي وفاقي توانائي بچت منصوبي تي به بريفنگ ڏني وئي، قومي اقتصادي ڪائونسل سڄي ملڪ ۾ پهرين جولاءِ کان دڪان رات جو 8 وڳي بند جي به منظوري ڏني، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو  ته ساليانو هڪ هزار ارب تائين جي بچت لاءِ توانائي بچت منصوبو جوڙيو ويو آهي، جنهن ڪري ڪاروباري مرڪز رات جو 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن مطابق وفاق صوبائي حڪومتن کي فيصلن تي عملدرآمد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي رٿابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته اين اي سي 1150 ارب رپين جي وفاقي ترقياتي پروگرام جي منظوري ڏني آهي، قومي ترقياتي بجيٽ 3 هزار ارب رپين کان وڌي ويندي، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي 4 مهينن جي ترقياتي بجيٽ آهي، جنهن ڪري قومي ترقياتي بجيٽ 2709 ارب رپين جي آهي، پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي بجيٽ ايندڙ مالي سال جي هوندي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي 60 ارب رپين جي تاريخي بجيٽ ڏني وئي آهي، ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ يونيورسٽيون ٺاهينداسين، پاڻي وسيلن جي لاءِ قدم کنيا ويندا، ضم ٿيل ضلعن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقياتي بجيٽ وڌائي آهي، صحت جي سهولتن جو پروگرام جنهن ۾ هيپاٽائيٽس جي روڪٿام جو پروگرام شامل آهي، ٽن سالن ۾ ملڪ مان هيپاٽائيٽس جي مڪمل خاتمي جو پروگرام شروع ڪيو ويندو،  شگر جي مرض جي خاتمي لاءِ پروگرام شروع ڪيو ويندو، قومي شاهراهن جي منصوبن جي لاءِ 161 ارب رپيا مختص ڪيا پيا وڃن، پائيدار ترقي جي هدفن لاءِ 90 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، اسڪولن کان ٻاهر شاگردن لاءِ 25 ارب رپين جو منصوبو آندو پيو وڃي، اسان جا 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، سي پيڪ منصوبن لاءِ رقم مختص ڪئي وئي آهي، احسن اقبال چيو ته ٻوڏ متاثر صوبن ۾ بحالي لاءِ فنڊ مختص ڪيا ويا آهن، سنڌ لاءِ 345 ارب، بلوچستان لاءِ 104 ارب ۽ خيبر پخوتنخوا لاءِ 48 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، پنجاب لاءِ 29 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، ايندڙ سال شرح نمو 3.5 سيڪڙو، مهانگائي جي شرح 21 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي، هنچيو ته موجوده حڪومت جيڪي قدم کڻي رهي آهي اهي ملڪي مفادن ۾ آهن، ملڪ ۾ مائڪرو اڪنامڪ استحڪام آءِ ايم ايف کان وڌيڪ پاڪستان جي ضرورت آهي، 2018ع ۾ به پوري سال جي بجيٽ پيش ڪئي هئي، هي نگران نه پر پوري حڪومت آهي ۽ پوري سال جي بجيٽ پيش ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته صحت ڪارڊ جي حوالي سان وزيراعظم ڪاميٽي جوڙي آهي، قومي خزاني تي بار گهٽ ڪرڻ لاءِ ان جو جائزو ورتو پيو وڃي، ضرورتمندن کي صحت ڪارڊ جاري ٿيڻ گهرجي اهڙي سهولت ته آمريڪا ۾ به نه آهي، احسن اقبال چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته شديد معاشي بحران ورثي ۾ مليو، گذريل حڪومت پاڪستان جي ترقي کي متاثر ڪيو، هن چيو ته 5 ايز ۾ سڀ کان پهريان ايڪسپورٽ کي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، ڊجيٽل پاڪستان به انهن مان هڪ منصوبو آهي، ڊجيٽل انقلاب ذريعي پيداواري صلاحيت دنيا ۾ حاصل ڪئي پئي وڃي، نوجوانن لاءِ اسڪل ڊولپمينٽ لاءِ منصوبا شروع ڪيا ويندا، نوجوانن جي سٺي تربيت ڪنداسين ته جيئن اهي جناح هائوس نه ساڙين، 60 هزار نوجوانن کي صنعتي تربيت ڏني ويندي، پنج ايز تي صوبن کي به عملدرآمد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اڄ اين اي سي کي 2035ع جي آئوٽ لڪ جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي، 2035ع تائين پاڪستان 570 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي معيشت بڻجي ويندو، ٻئي طرف اسان هڪ هزار ڊالر جي معيشت 2035ع تائين بڻجي سگهون ٿا، اسان کي معيشت جي بهتري جي لاءِ سياسي استحڪام جي ضرورت پوندي، احسن اقبال چيو ته اسان کي ٻارن جي سٺي تعليم جي لاءِ هر سال اڍائي لک اسڪول ٺاهڻا پوندا، جيڪڏهن اسان سست رفتاري سان هلياسين ته هڪ لک اسڪول ٺاهي سگهنداسين، هن چيو ته اسان کي پنهنجي وسيلن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو.