اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اپوزيشن جماعتن مختلف وفاقي وزارتن جي بجيٽ 26/2025ع ۾ ڪٽوتيءَ جون رٿون قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون. ذريعن مطابق قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ 835 ڪٽوتي جون رٿون جمع ڪرايون ويون آهن. اپوزيشن پاران 8 وزارتن ۽ ڊويزنن جي بجيٽ ۾ ڪٽوتيءَ جون رٿون پيش ڪيون ويون، سڀ کان وڌيڪ 202 ڪٽوتي جون رٿون توانائي ڊويزن لاءِ جمع ڪرايون آهن، اهڙي طرح دفاع جي بجيٽ تي 22، ڪابينا ڊويزن تي 112، گهرو معاملن واري ڊويزن تي 168، انساني حقن جي بجيٽ تي 104، واپار واري ڊويزن تي 69، ۽ ناڻي وزارت جي بجيٽ تي ڪٽوتي لاءِ 60، فوڊ وزارت جي بجيٽ ۾ 98 ڪٽوتي جون رٿون ڪرايون ويون آهن، وزارتن ۽ ڊويزنن جي گرانٽس جي منظوري دوران اپوزيشن طرفان اهي ڪٽوتي واريون تحريڪون پيش ڪيون وينديون.