ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي اولهه جي عدالت پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم پي اي طاهره عرف دعا ڀٽو 7 سالن کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ کان عليحدگي لاءِ ٻيهر درخواست ڏئي ڇڏي
عدالت دعا ڀٽو جي خلع واري درخواست منظور ڪري ورتي، عدالت چيو ته ڌرين ۾ صلح جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون آهن، عدالت حليم عادل شيخ کي دعا جي ٻارڙي جي خرچ لاءِ 24 هزار رپيا ماهوار ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي وڌيڪ ٻڌڻي 21 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي
درخوادستگذار دعا ڀٽو چيو ته آئون حليم عادل شيخ سان گڏ رهڻ نٿي چاهيان، هو مون کي توڙي منهنجي پٽ کي خرچ نه پيو ڏئي، ياد رهي ته حليم عادل شيخ 7 سال اڳ دعا ڀٽو سان شادي ڪئي هئي، 2022ع ۾ دعا ڀٽو حليم عادل کان ملير جي عدالت ۾ خلح لاءِ رجوع ڪيو هو, صلح کانپوءِ دعا ڀٽو حليم عادل شيخ خلاف درخواست واپس ورتي هئي