راولپنڊي: (م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير چيو آهي ته دشمن قوتن جي اشاري تي ملڪ مخالف ڪم ڪندڙن کي مڪمل طاقت سان منهن ڏينداسين. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير  جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ 82 هين فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ پاڪ فوج جي جوانن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ڪانفرنس ۾، فورم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ، جيڪي دشمن قوتن جي اشاري تي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن رياست سڀني دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندڙن خلاف ”مڪمل قوت“ سان ڪارروائي ڪندي. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ جبر تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ڀارتي فورسز طرفان انساني حقن جي مسلسل ڀڃڪڙين جي مذمت ڪئي. فورم چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. فورم چيو ته ڪشمير مسئلي جو مستقل حل گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيڻ ۾ ئي آهي. فورم پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي طور تي مڪمل حمايت ڪري ٿو. فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجائيندي فورم چيو ته پاڪستان 1967ع کان اڳ واري سرحدن ۽ القدس کي ان جي گاديءَ واري هنڌ جي بنياد تي فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. درپيش چيلنجز جي باوجود پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه مهينن دوران پريشاني ۽ غير يقيني صورتحال ۾ گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته اميد، اعتماد ۽ استحڪام ۾ اضافو ٿيو آهي. فورم ان ڳالهه جو ورجاءَ ڪيو ته ذاتي مقصدن لاءِ مايوسي پيدا ڪندڙ مخصوص عنصرن جي ڪوششن کي ثابت قدمي ۽ هاڪاري قدمن جي تسلسل ذريعي پاڪستاني عوام جي مڪمل حمايت سان شڪست ڏني ويندي. ڪانفرنس جي شريڪ ٿيلن چيو ته پاڪ فوج جٽادار استحڪام ۽ سلامتي جي سفر ۾ قوم جو دفاع ۽ خدمت جاري رکندي. فورم پڌرائي ۾ اهو به چيو ته غيرتمند پاڪستاني عوام پرعزم ۽ متحد رهي.