
پشاور (م ڊ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته دشمن خوف ڦهلائڻ چاهي ٿو، پوئتي هٽڻ وارا ناهيون، امن خراب ڪندڙن کي ڀرپور طاقت سان فيصلائتو جواب ڏينداسين، آرمي چيف پشاور جي دوري تي پهچي ويو، ڪي پي جي سياسي پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ويون، وڏو وزير علي امين گنڊاپور پڻ موجود هو. دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ هڪ آواز ۽ عوامي حمايت جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي آرمي چيف ڳالهائيندي چيو ته دشمن خوف ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪندو پر اسان پوئتي نه هٽنداسين ملڪ ۾ امن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش جو فيصلائتو ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پشاور جي دوري دوران ڪور ڪمانڊر ملڪ ۾ موجوده سيڪيورٽي صورتحال ۽ فتنه الخوارج جي خلاف جاري آپريشنز تي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ وڏو وزير گنڊاپور به موجود هئا. آرمي چيف پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين ۽ عزم کي ساراهيندي چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي سڪيورٽي ادارن جون مثالي ڪاميابيون قوم لاءِ فخر جو سبب آهن. فورسز دهشتگردن کي موثر طريقي سان ڪمزور ڪري رهي آهي، اهم دهشتگرد اڳواڻن جو خاتمو، ان جي نيٽ ورڪ ۽ انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪري اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته دهشتگردي جي اسان جي ملڪ ۾ ڪا به گنجائش ناهي اها جنگ جاري رهندي ۽ اسين ان کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين انشاءَ الله. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا شهرين جي حفاظت ۽ امن امان جي قيام اڻٿل محنت ڪري رهيا آهن انهن ڪيترن ئي حملن کي ناڪام بڻائي ملڪ ۾ امن قائم رکيو. جنرل عاصم منير واضح پيغام ڏنو ته ملڪ جي امن کي خراب ڪرڻ جي هر ڪوشش جو فيصلائتو ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو. دشمن خوف ڏڦير ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو پر اسين پوئتي نه هٽنداسين، دشمن عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو ۽ هو پنهنجو وڏو نقصان ڪندا.